اسلام آباد (فخر دراني) علي امين گنڊاپور تي هاڻي اهو الزام لڳي رهيو آهي ته هو ايجنسين کان ٽاسڪ وٺي انهن کي پورو ڪندو آهي. ذريعن موجب جنهن ڏينهن علي امين گنڊاپور احتجاجي قافلو شروع ڪيو هو، برهان انٽرچينج وٽ ساڻس رابطو ڪيو ويو هو ايجنسين طرفان ۽ ساڻس تفصيل شيئر ڪيا ويا ته کيس ڪيئن نڪرڻ جو رستو ڏنو ويندو. اهي سڀ شيون طئي ٿي ويون هيون ته هو ڊي چوڪ ڪيئن ايندو ۽ ڪيئن واپس ويندو، اهو سڀ ڪجهه پهرئين ڏينهن ئي طئي ٿي ويو هو. ان دوران کيس قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪنهن مزاحمت کي منهن نه ڏيڻو پيو هو. کيس هري پور واري رستي کان واپس موڪليو ويو هو. ذريعن موجب علي امين گنڊاپور ڪي پي اسيمبلي ۾ غلط ڪهاڻي ٻڌائي آهي. ذريعن موجب علي امين گنڊاپور پنهنجي وڏ وزارت بچائڻ واري ڊيل ڪئي آهي ڇو ته سندس وڏ وزارت نه بچڻي هئي. ذريعن موجب عمران خان کي به اها خبر آهي ته جيڪڏهن ائين نه ٿئي ها ته سندن ڪي پي جي حڪومت به نه بچي ها.
-
آئيني ترميمن جي معاملي تي مولانا فضل الرحمان سان معاملا طئي ٿي ويا
اسلام آباد (معظم فخر) ايوان صدر ۾ اهم مشاورت ٿي آهي، مشاورت ۾ 3 اهم عهديدار شريڪ ٿيا. ٽنهي اڳواڻن عمران خان جي وفاق تي حملن جو نوٽيس وٺندي سخت ڪريڪ ڊائون فيصلو ڪيو. خيبرپختونخوا مان قافلن جي اڳواڻي ڪرڻ ۽ وفاق تي دٻاءُ وجهڻ واري معاملي جو به ڪو حل ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هڪ تجويز اها هئي ته گورنر راڄ لاڳو ڪيو وڃي ۽ صوبائي اسيمبلي کي معطل ڪيو وڃي پر ان فيصلي کي واپس ورتو ويو آهي ۽ هاڻي فيصلو ورتو ويو آهي ته آئيني ترميم جي اڻپورا ايجنڊا کي پورو ڪيو وڃي. ٽنهي اڳواڻن کي ٻڌايو ويو ته آئيني ترميم جي معاملي تي هاڻي مولانا فضل الرحمان سڌو ٿي ويو آهي ۽ هاڻي هو گڏ هلڻ لاءِ تيار آهي. جيڪا رپورٽ ڏني وئي ان ۾ ٻڌايو ويو هاڻي ڪو مسئلو نه ايندو. مولانا فضل الرحمان هڪ تجويز ڏني هئي ته آئيني ترميمن وارو معاملو ايس سي او اجلاس ٿيڻ تائين آئيني ترميمن جي ايجنڊا کي ملتوي ڪري ۽ پي ٽي آءِ احتجاج کي ملتوي ڪري پر پي ٽي آءِ مولانا فضل الرحمان جي اها ڳالهه نه مڃي جنهن تي مولانا فضل الرحمان هاڻي آزاد ٿي ويو آهي ۽ سياسي پوزيشن وٺي سگهي ٿو. مولانا فضل الرحمان جي تجويز هئي ته سويلين جي ملٽري ٽرائل جي حوالي سان هڪ يا ٻن سالن جو مدو رکيو وڃي ۽ پوءِ اهي معاملا پاڻمرادو ختم ٿي وڃن. ان تي پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ اتفاق ڪيو آهي. مولانا فضل الرحمان کي چيو ويو آهي ته جوابدارن کي ملٽري سزائون ڏيندي ته اسان آجا ٿي وينداسين ته اسان کي جيڪي سزائون ڏيڻيون هيون اسان ڏنيون هاڻي هو ڄاڻين ۽ سندن جوابدار ڄاڻين. ان تي ڳالهيون فائنل ٿي ويون آهن. هاڻي آئيني ترميمن وارو معاملو تيزي سان وڌندو نظر ايندو. ايس سي او اجلاس کانپوءِ سعودي عرب پاران اهم سيڙپڪاري معاهدا ٿيندا، ان لاءِ ڪنهن کي امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ اهو ئي موقعو هوندو جڏهن آئيني ترميمن وارو معاملو به پڄاڻي تائين پهچايو ويندو.