پشاور( م ڊ) هڪ ڏينهن ۽ رات گم رهڻ بعد علي امين گنڊاپور اوچتو خيبر پختونخوا اسيمبلي پهچي ويو، سندس چوڻ آهي ته ملڪ خاطر ڳالهين لاءِ تيار آهيون پر پنهنجي بي عزتي جو بدلو ضرور وٺنداسين. اسيمبلي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جو باني عمران خان قوم جي جنگ وڙهي رهيو آهي. مون کي پنهنجي ايوان ۽ ميمبرن تي فخر آهي، عوام پي ٽي آءِ سان گڏ بيٺل آهي. مان عوام کي سلام پيش ڪريان ٿو. جيڪڏهن اسان جا ماڻهو ٽوڙيا نه وڃن ها ته اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو هڪ به ميمبر نه هجي ها. اسان تي رٿابنديءَ سان حملا ڪيا ويا، اسان جي پارٽيءَ جو نشان واپس ورتو ويو، اسان جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت واري حڪومت کسي وئي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير چيو ته ملڪ ۾ جلوس ڪڍڻ جي اجازت ڇو نٿي ڏني وڃي؟ پي ٽي آءِ جي دور ۾ بلاول مارچ ڪيو، کيس ڪنهن نه روڪيو، پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي روڪڻ تي تشدد ڪيو ويو. هتي هرڪو ويٺو آهي جيڪو خراب وقت تي پارٽي نه ڇڏي. هن چيو ته جيڪو ڏکئي وقت ۾ استعيفيٰ ڏئي ٿو اهو بزدل آهي، جڏهن هو پارٽي ڇڏي ته اها 9 مئي جي ڳالهه ناهي، آءِ جي اسلام آباد ڪي پي هائوس جي ڀڃڪڙي ڪئي، منهنجي سرڪاري گاڏي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، آءِ جي اسلام آباد توهان ايترو ته هيٺ نه ڪرو. علي امين گنڊاپور چيو ته پ پ ڪالهه سڄي رات ايوان ۾ هئي، اها توهان جي ڪارڪردگي آهي. توهان چار حملا ڪيا، منهنجي محافظن کي ماريو ۽ ڦري ويا. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير چيو ته مان توهان کي بار بار چوندو رهيو آهيان ته پاڻ کي سڌارو، مولانا صاحب اهو به چيو ته مون سان به عمران خان جي حڪومت ڊاهڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، ڇا توهان عمران خان جي سوچ ختم ڪري سگهو ٿا؟ هن چيو ته اسان جي جنگ هلي رهي آهي، اسان اها جنگ مرڻ گهڙي تائين وڙهنداسين، مان وري ايندس، توهان ڪنهن جي ڀيڻ، ڪنهن جا ٻار کڻي رهيا آهيو، توهان کي به قبر ۾ وڃڻو آهي، توهان ڪيستائين رهندا؟ هن ملڪ جي آئين جي باري ۾ سوچيو، هن ملڪ جي باري ۾ سوچيو. ان کان اڳ ڪي پي اسيمبلي ۾ علي امين گنڊاپور جي گمشدگي خلاف ٺهراءَ منظور ڪيو ويو هو. اسپيڪر چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي ڪي پي کي گهرايو هو. پي ٽي آءِ ڪارڪنن به اسيمبلي ٻاهران احتجاج ڪيو ويو.