ناري ۽ نوجوان پاران شادي نه ڪرائڻ تي 13گهرڀاتين کي مارڻ جو انڪشاف

خيرپور/پيرجوڳوٺ (مختيار ڦلپوٽو/وسيم سنڌي) ڪنگري جي ڪچي جي ڳوٺ هيبت خان بروهي ۾ 10 گهر ڀاتين سميت 13 ڄڻن کي زهر ڏئي مارڻ واري معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو. برادي جتوئي پوليس مقتول گل بيگ بروهي جي ڌيءَ شائستا بروهي ۽ سندس سئوٽ امير بخش بروهي کي گرفتار ڪري ورتو. پڇا ڳاڇا بعد گرفتار جوابدارن ڏوھ جو اعتراف ڪري ورتو. پوليس سب انسپيڪٽر خير محمد گوندل جي فرياد تي ناري ۽ نوجوان مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته مقتول گل بروهي کان سندس ڀائٽئي امير بخش بروهي نياڻي شائسته بروهي جو سڱ گهريو رشتو نه ملڻ تان ناري ۽ نوجوان کاڌي ۾ زهر ملايو جنهن سبب گل بيگ بروهي، سندس زال، پنج معصوم نياڻيون ۽ سندس 3 پٽ جڏهن ته جوابدار امير بخش بروهي جو پيءُ، سندس معصوم ڀاڻيجو۽ پاڙيسري سميت 13 ڄڻا فوت ٿي ٿيا. گرفتار جوابدارن موجب هو شادي ڪرڻ چاهين پيا پر ناري جي پيءُ انڪار ڪيو هو جنهن کانپوءِ نوجوان اٽي ۽ کير ۾ زهر ملائي گهرڀاتين کي ڏنو. مهينو اڳ واقعو پيش آيو هو، ڊاڪٽرن کاڌي پيتي جي شين جا نمونا ورتا هئا، رپورٽ پڌري ٿيڻ کانپوءِ پوليس ڪارروائي ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.