اسلام آباد ( م ڊ) اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن سان چڪرين ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪارعبدالحميد شاهه دم ڏئي ڇڏيو. ان سلسلي ٻڌايو پيو وڃي ته 26 نمبر ناڪي وٽ پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ چڪرين دوران مظاهرين جي پٿراءُ ۽ تشدد ۾ اهلڪار حميد شاهه شديد زخمي ٿي پيو هو. اهلڪار زخمن جا سور نه سهندي ڪالهه پمز اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب سياسي جماعت جي تشدد واري احتجاج اهلڪار کان حياتي کسي ورتي. اهلڪار کي کنڀي وڃي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، اهلڪار حميد شاهه ٽن مهينن بعد پوليس سروس مڪمل ڪري ريٽائرڊ ٿيڻو هو.