عمرڪوٽ ( ڊ ر ) مقتول جونيئر ذوالفقار ڀٽو عمرڪوٽ لڳ گوٺ جانھرو مقتول ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي گهر وارثن وٽ تعزيت لاءِ پھچي ويو جونئير ذوالفقار ڀٽو مقتول جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو تي پڙھيل لکيل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪرڻ ۽ لاش کي ساڙڻ عدالتن کان مٿانھون قتل آهي،ھن چيو ته ڊاڪٽر جي قتل کان پوءِ سنڌ جي ماڻهن ۾ ھراس پکڙيل آهي مقتول ڊاڪٽر جي وارثن سان ھن ڏک جي گھڙي ۾ گڏ بيٺل آھيون ھن وڌيڪ چيو ته مقتول جا وارث خوف واري زندگي گذاري رھيا آهن،کين موتمار ڌمڪيون ملڻ جو سسلو جاري آهي سنڌ پوليس توڙي سنڌ حڪومت مقتول جي وارثن کي تحفظ ۽ انصاف ڏيڻ ۾ ناڪام رھي آهي مقتول جا وارث جوڙيل پوليس جاچ ڪاميٽين ۽ ٽيمن کي قبول نٿا ڪن ڇو ته پوليس مقتول ڊاڪٽر جو ھڪ به جوابدار گرفتار نه ڪيو،وارثن جي مطالبي تي شاھنواز قتل ڪيس جي جاچ عدالتن کان ڪرائي وڃي،هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ ھيلٿ کاتي کي گھرجي ته مقتول ڊاڪٽر ڊيوٽي دوران قتل ٿيو آهي ان ڪري ان جي رٽائرمينٽ ۽ معاوضو ان جي معصوم ٻچڙن کي ڏنو وڃي ھوڏانھن مقتول ڊاڪٽر جي وارثن ۾ والد محمد صالح ڪنڀر مقتول جي والده سندس گھرواري جونئير ذوالفقار ڀٽو اڳيان دانھيندي چيو ته اسان کي ڪيس ۾ سنڌ پوليس جي جاچ تي ڪوبه اعتبار ناهي،خوف واري زندگي گذاري رھيا آھيون اسان کي عوام ۾ اميدون آهن اسان کي انصاف ۽ تحفظ ڏياريو جڏهن ته جونئير ذوالفقار ڀٽو مقتول ڊاڪٽر شاھنواز جي معصوم پٽن کي پنهنجي ھنج ۾ کڻي پيار ۽ محبت جو اظهار ڪندو رھيو چيو ته منھنجي به خاندان ۾ شھيد شاھنواز آھي