سڪرنڊ ۾ مذهبي انتهاپسندي ۽ پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاجي ريلي

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) جسقم سٽي سڪرنڊ پاران سنڌ ۾ وڌندڙ مذھبي انتھا پسندي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي قتل ڪرڻ ۽ سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف شھباز شاخ کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن تان ٿيندي سينما چوڪ تي پھتي. جتي جسقم اڳواڻ مسعود شاھ، فربان ٻنمب، علڻ سنڌي ايس ٽي پي جي مشتاق مانڃوٺو، شھيد ڀٽو جي  شوڪت ڀاڻھوجو ۽ ٻين چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز جو قتل عدالتن کان مٿانھون قتل آھي جيڪڏھن پوليس کيس گرفتار ڪيو ھو ته عدالت ۾ پيش ڪري ھا. ڏوھ ثابت ٿيڻ تي سزا ڏيڻ جو اختيار عدالتن کي آھي. ھنن چيو ته سنڌو درياهه  مان 6 ڪينال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي. سنڌ جو عوام ڪابه سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو. ھنن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر شاھنواز جي قتل جي شفاف جاچ ڪري قاتلن ۽ سھولتڪارن کي  قانون موجب سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.