ڪراچي ۾ ايئرپورٽ ويجهو ڌماڪو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، غير ملڪي سميت 6 زخمي

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي ۾ هوائي اڏي ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڇهه ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ايس ايس پي ملير موجب ڪراچي ۾ ايئرپورٽ سگنل ويجهو ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ غير ملڪي سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ايس ايس پي ملير جو چوڻ هو ته شروعاتي طور لڳي رهيو آهي ته ڌماڪو آئل ٽينڪر ۾ ٿيو آهي. اطلاع تي پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار موقعي تي پهچي ويا، جڏهن ته فائر برگيڊ عملو به پهچي ويو ۽ ٻن گاڏين ۾ باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، وڏي ڪوشش کان پوءِ باهه تي ضابطو آندو ويو. هوڏانهن ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو. جناح اسپتال جي ايمرجنسي انچارج ڊاڪٽر نوشين موجب چار زخمي جناح اسپتال آندا ويا آهن. هوڏانهن گهرو وزير ضياءَ لنجار چيو آهي اطلاع آهن ته ڌماڪو آءِ اي ڊي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.