فضل الرحمان غيرمطمئن، آئيني ترميمن جي منظوري رولڙي ۾؟

اسلام آباد (انصار عباسي+منيب فاروق) آئيني ترميمن بابت حڪومت اعتماد ۾ نظر نٿي اچي. ان کان اڳ حڪومت اعتماد ۾ هئي پر اڳڀرائي نه ٿي سگهي هئي. پ پ چيئرمين چيو هو ته سپريم ڪورٽ جي 8 ججن جو فيصلو اچڻ جي ڪري اسان جا نمبر کٽي پيا. نئين اڳڀرائي ۾ ايندڙ هفتو اهم هوندو. اڪثريت هجڻ جي باوجود حڪومت مولانا فضل الرحمان کي پاڻ سان ملائڻ چاهي ٿي ته جيئن بعد ۾ احتجاج ٿين ته ائين نه ٿئي ته اپوزيشن جو اتحاد ٺهي وڃي. ان صورت ۾ آئيني ترميمون منظور ٿيڻ کانپوءِ به تڪراري ٿي وينديون. جيڪڏهن رياست آئيني ترميمون چاهي ٿي ته نمبر پورا ٿي ويندا پر آئيني ترميم کانپوءِ احتجاج جو امڪان آهي. ٻئي پاسي ايس اي او سمٽ به ٿيڻ واري آهي تنهن جي ڪري اهڙو احتجاج نه ٿيڻ گهرجي. حڪومت جا نمبر پورا آهن ته 17 کان 20 تاريخ تائين ترميمون ڪرڻ گهرجن ۽ ايس سي او اجلاس سٺي نموني ٿي وڃي ۽ پي ٽي آءِ کي به گهرجي ته احتجاج روڪي. حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ٻئي پنهنجي مرضي جا جج چاهين ٿا ڇو ته عدالتن مان حق ۾ فيصلا گهرجن ٿا ۽ جهيڙو اقتدار جو جهيڙو آهي اهو اصولن جو جهيڙو ناهي. ان جي ڪري آئيني عدالت ٺاهڻ تي زور ڏنو پيو وڃي.هوڏانهن موجوده حالتن ۾ سوال اهو آهي ته ڇا حڪومت ايندڙ ڏينهن ۾ آئيني ترميم منظور ڪرائي سگهندي؟ آئيني ترميمن تي مولانا فضل الرحمان محسن نقوي،مسلم ليگ ن ۽ پ پ مان مطمئن نه ٿي سگهيو آهي،خاص طور مولانا محسن نقوي جي اپروچ مان خوش ناهي، هن کي لڳندو آهي ته محسن نقوي طاقتور حلقن جو پيغام ڊڪٽيشن جي صورت ۾ ڏئي رهيو آهي،حڪومتي ذريعن موجب فضل الرحمان جا مطالبا منظور ٿيڻ ممڪن ناهن، آئيني ترميمن جي منظوري حڪومت لاءِ چئلينج بڻيل آهي، عمران خان ۽ عليمه خان تي وڌيڪ دهشت گردي جا ڪيس داخل ٿي رهيا آهن، گنڊاپور کي وضاحت ڏيڻي پوندي ته هو ڪٿي هو؟ هو ڪنهن وٽ قيد هو اهو به ٻڌائڻو پوندو يا پاڻمرادو روپوشي هئي ته ان جا سبب به ٻڌائڻا پوندا،اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جيڪو چاهي پئي اهو نه ڪري سگهي ۽ هڪ ٻيو الزام پنهنجي مٿان کڻي واپس وڃي رهي آهي ته ايس سي او ڪانفرنس ناڪام بڻائڻ لاءِ آيا هئا.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 07 آڪٽوبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.