شڪارپور،ڪنڌڪوٽ،تنگواڻي ۾ ڌاڙيل راڄ خلاف شهري سراپا احتجاج

ڪراچي (رپورٽ: جاني سومرو)ڪراچي پريس ڪلب آڏو شڪارپور سول سوسائٽي ڪراچي طرفان سنڌ جي پئرس سڏائيندڙ شهر شڪارپور ۾ امن امان لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهري ۾ شريڪ ماڻهن طرفان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ۽ شڪارپور کي امن ڏيو جا نعرا هنيا ويا. ان موقعي تي احتجاجي مظاهري شريڪ اڳواڻن قانوندان شهاب اوستو عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته جن معاشرن ۾ اپوزيشن هوندي آهي اتي پڇاڻو هوندو آهي اتي ماڻهن جي جان مال محفوظ هوندو آهي، زرداري مافيا جيڪو سسٽم متعارف ڪيو آهي ان وڏيرن، ڌاڙيلن کي مضبوط ڪيو آهي ۽ ڪاموري کي ڪرپٽ ڪيو آهي جيڪا لوڪل ايڊمنسٽريشن آھي ان کي ڀوتار جو ڪمدار بڻائي ڇڏيو آهي، جڏهن رياست پنهنجو ڪردار ادا نه ڪندي ته عام ماڻهو مجبورن انهن ڀوتارن ڏي ويندو يا وري پنهنجا اباڻا گهر ڇڏي ڪراچي حيدرآباد ڏانهن ويندو پنهنجي تحفظ لاءِ، رياست جڏهن ڪجهه نه ڪندي توهان کي روزگار، صحت ۽ امن امان نه ڏيندي ماڻھو مجبورن يا ته هٿيار کڻندو يا پنهنجو علائقو ڇڏي ويندو. سينئر صحافي يونس مهر ڳالهائيندي چيو ته سڄي سنڌ اندر بدامني آهي پر خاص طور تي اتر سنڌ ضلعن شڪارپور، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ ڪشمور، گهوٽڪي ضلعن ۾ بدامني  جي باھ لڳي پئي آهي، ننڍڙا، نوجوان ڀنگ لاءِ اغوا ٿي رهيا آهن، شڪارپور ۾ قبيلائي تڪرار ۾ ماڻهو قتل ٿي رهيا آهن، سج لٿي کان پوءِ ڪو به ماڻهو گهرن کان ٻاهر نه ٿو نڪري، انجينئر حسن پٺاڻ چيو ته شڪارپور کي امن ڏيو، جيڪي ماڻهو شڪارپور ۾ احتجاج ڪري رهيا آهن اسان انهن سان يڪجهتي جو اظھار ڪيون ٿا، اسان اهو مطالبو ڪيون ٿا ته رياست پنهنجو ڪردار ادا ڪري شڪارپور هن وقت اغوا جي انڊسٽري بڻيل آهي، اتي ڪيترين ئي برادرين جا قبائلي جهيڙا آهن جنهن سبب سوين ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن پر حڪومت نوٽيس نه ٿي وٺي ۽ رياست پنهنجو ڪردار ادا نه ٿي ڪري. سماجي اڳواڻ مهيش ڪمار ڳالهائيندي چيو ته اڄ جو مظاهرو شڪارپور ۾ امن امان جي بحالي لاءِ آهي پر سڄي سنڌ ۾ بدامني آهي، حڪومت جون اکــيون نه ئي نٿيون کلن، شام کان پوءِ سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ ماڻهو ٻاهر نه ٿا نڪري سگهن، حڪومت علائقا وڏيرن، جاگيردارن ۽ ڀوتارن کي ورهائي ڏنا آهن ،پوليس جيڪو به آپريشن پئي ڪري اهو سڀ ڪوڙ آهي مظاهري ۾ شريڪ اڳوڻي ايم اين اي نثار احمد پنهور ، اڳوڻي ايم پي اي منگلا شرما، شيما ڪرماڻي، ڊاڪٽر جئپال، پريل مري، لالا قاسم پٺاڻ، عمران سومرو ۽ ٻين چيو ته شڪارپور پوليس پنهنجون ڊيوٽي ايمانداري سان  نه ٿي ڪري آهي ان جي شهر ۾ چوريون، ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن، اسين شڪارپور جا رهواسي پنهنجي علائقي ۾ بدامني ڏسي انتهائي گهڻا پريشان آهيون، مظاهري ۾ مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

شڪارپور(رپورٽ : ذوالفقار مگسي)شڪارپور ضلعو ڏوھارين جي نشاني تي اچي ويو  آهي گذريل ھڪ سال کان وٺي شڪارپور ضلعو بدامنيءَ جو ڳڙهه بڻجي ويو آهي جنھن خلاف شڪارپور شھر جي سول سوسائٽي روڊن تي نڪري آيا شڪارپور شھر الله والا چوڪ کي تحريري چوڪ جو نالو ڏيئي روڊن تي نڪري آيا، ان موقعي آغا قمر مشواڻي، ھمير چانڊيو ۽ ٻين چيو ته شڪارپور کي وانا ۽ وزير ستان بڻايو ويو آھي، ايس ايس پي شڪارپور ۽ ھتان جا چونڊيل نمائندا ڏوھارين جا ٻانھن ٻيلي بڻيل آھن، شھر جا معصوم ٻارڙا به غير محفوظ بڻجي ويا آهن، ھنن چيو ته شڪارپور جي عوام کي امن گھرجي جي نعري سان گڏ آھيون. ڌرڻي کي ايڊووڪيٽ حسين بخش مگسي، سراج احمد بروهي، لالا شمس خان پٺاڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

تنگواڻي( رپورٽ: مھتاب ملڪ)تنگواڻي جي شھري ايڪشن ڪاميٽي پاران امن مارچ ٻئي  رات جو به ھٿن ۾ ٽارچ لائيٽ اڇا جھنڊا کڻي،شھرين قاري ڪفايت الله کوسو، اعجاز ملڪ، رحمدل لاشاري، مھتاب ملڪ، ايڊوڪيٽ آصف کوسو ،اختر باجڪاڻي ،مولانا شاھمور بکراڻي،اعظم کوسو، منصور ملڪ، شاهد ملڪ لطف سنڌي جي اڳواڻي ۾ چوڪ چوراھن جو گشت ڪيو، اڳواڻن چيو ته شھر جي امن امان صورتحال انتھائي ڳڻتي جوڳي آھي،ڌرتي ڌڻي چند ڏوھارين ھٿان ڦرجن ۽ مارجن ٿا، اربين روپين جي بجيٽ سيڪيورٽي لاءِ رکيا وڃن ٿا، پوليس اھلڪار سھولتن جي کوٽ سبب شھيد ٿين ٿا،ھنن چيو ته پوليس آفيسر پنھنجي جوانن بلٽ پروف جيڪٽس نہ ڏئي اھلڪارن کي ھٿ سان قتل ڪرائين ٿا، ھنن چيو ته ڌاڙيل ۽ سھولتڪارن کي حد جا عملدار منٿون ڪندا ته امن امان ڪيئن ٿيندو؟

ڪنڌڪوٽ(عرفان کوسو)ڪنڌڪوٽ ضلعو لاوارث بڻيل 12 ڏينھن کان شھرين  پاران گم ٿيل امن لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري خبر موجب ڪنڌڪوٽ آل پارٽيز موومينٽ پاران 12هين ڏينهن تي به شھر جي دل گھنٽا گھر کان پريس ڪلب تائين گم ٿيل امن، ڀتاخوري، غنڊاگردي،ڌاڙيل ڪلچر خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شھر جا سياسي ورڪر، واپاري، ھندو برادري جا ماڻھو وڏي انگ ۾ شامل ٿيا ريلي ۾ امن جا گيت امن جا نعرا بلند ڪيا ويا جيڪي شھر جي اندر گونجندا رھيا انھي دوران اڳواڻن ڊاڪٽر ميھر چند، دلمراد ڏاھاڻي، غلام مصطفيٰ ميراڻي، عبدالعزيز سومرو، طارق خان باجڪاڻي، شاھنواز مرھيٽو، اشوڪ ڪمار، اصغر شيخ، ڇوٽو خان جکراڻي، شمن علي باجڪاڻي، ڪامريڊ عباس، سنتوش اگروال، ھريش ڪمار ۽ ٻين چيو ته ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، تنگواڻي جي سرزمين ڌرتي واسين لاءِ ڏوھاري تنگ ڪري ڇڏي آهي ھر پاسي ڏوھاري گينگز آهن جن خلاف ڪير به آواز نٿو اٿاري ڏوھارين جي غنڊاگردي کان ماڻھو بيزار ٿي لڏ پلاڻ ڪري رھيا آهن ڏوھاري ھر طبقي کي نشانو ڪري رھيا آهن پوليس گم آهي پوليس صرف شريف شھرين جي تحفظ لاءِ نه پر تنگ ڪرڻ لاءِ آهي ستل پوليس ۽ حڪمران آخر ڪڏھن جاڳندا؟ هنن چيو ته ڪاروبار بند ٿي رھيا آهن آچر ڏينهن ڪنڌڪوٽ جي اسپتالن ۾ ايندڙ ڊاڪٽر اچڻ لاءِ تيار نه آهن ڀتاخوري سبب ھندو مشھور ڊاڪٽر لڏڻ تي مجبور آھن جنهن جو نقصان ھتان جي عوام کي ٿيندو انھي ڪري اسين پُرامن احتجاج ذريعي وس وارن، اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيون ٿا ته فوري ضلعي جي صورتحال جو نوٽيس وٺي امن امان قائم ڪرايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.