اسلام آباد(م ڊ) اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. پي ٽي آءِ وارا 2014 واري صورتحال ورجائڻ چاهين ٿا پر ناڪام ٿي ويا ۽ حالتون ٺيڪ ٿي رهيون آهن. هن چيو ته ڪجهه شرپسندن اسلام آباد پوليس جي اهلڪار کي شهيد ڪيو. پوليس اهلڪار عبدالحميد جي شهادت کي نه وسارينداسين. پي ٽي آءِ وارا لاشن لاءِ ئي آيا هئا، هٿيار ۽ غليليون کڻي آيا هئا. وفاقي وزير چيو ته دنيا مڃي رهي آهي ته ملڪي معيشت ٺيڪ ٿي رهي آهي پر کين ملڪي ترقي جو هضم ناهي ٿي رهيو.