ڪراچي (رپورٽر) غزا ۾ اسرائيلي جارحيت ۽ دهشتگردي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي غزا ۽ لبنان جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ جماعت اسلامي پاران ڪراچي شاهراهه فيصل تي ”الاقصيٰ ملين مارچ“ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي. مارچ کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته هن وقت قوم دشمني، لسانيت ۽ فرقيواريت جي بنياد تي ورهائڻ جي ايجنڊا تي ڪم ڪيو پيو وڃي. ان کي ناڪام بڻايو وڃي، اسان پاڪستان حڪومت جي آل پارٽيز ڪانفرنس ۽ فلسطين يڪجهتي جي ڏينهن کي ڀليڪار ڪيون ٿا، مسلمان حڪمرانن جو اجلاس سڏايو وڃي، جنهن ۾ مسلمان ملڪن جي فوجن جي سربراهن کي پڻ دعوت ڏني وڃي اسرائيل خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪيو وڃي، اسلامي دنيا جو اتحاد ۽ ايڪتا اسرائيل کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو، يروشلم ضرور آزاد ٿيندو ۽ مسلمان به قبله اول ۾ امام اعظم جي فرمان مطابق نماز ادا ڪندا. حافظ نعيم وڌيڪ چيو ته يو اين او جو اجلاس جاري هو جڏهن اسرائيل جي صدر هڪ نقشو پيش ڪيو ۽ نيل کان فرات تائين گريٽر اسرائيل ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. مسئلو رڳو قراردادن ۽ واڪ آئوٽ جو ناهي. آمريڪا اسرائيل کي هٿيار فراهم ڪري رهيو آهي، بدقسمتيءَ سان مسلمان ملڪ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن اڄ امت مسلمه جا حڪمران گڏ نه ٿيا ته سڀاڻي اسرائيل توهان کي به نه ڇڏيندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي عوام کي مبارڪباد ڏيان ٿو جن هڪ تاريخي ۽ ڪامياب ملين مارچ ڪيو. ان موقعي تي جماعت اسلامي اڳواڻن سان گڏ پيپلز پارٽي جو صوبائي سيڪريٽري وقار مهدي، فلسطين فائونڊيشن جي سربراهه صابر ابو مريم، واپاري اڳواڻن عتيق مير ۽ ٻين به شرڪت ڪئي.