اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ موبائيل سروس بحال ٿيڻ شروع ٿي وئي، موٽر وي به ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي. رات دير سان وفاقي راڄڌاني سميت جاڙن شهرن ۾ موبائل سروس بحال ٿيڻ لڳي هئي. مقامي ميڊيا موجب پشاور-اسلام آباد ايم ون موٽر وي کي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي.