جيتوڻيڪ سموري سنڌ ۾ امن نھ رھيو آھي پر گھڻي بدامني جي دانھن ھميشھ اتر سنڌ جي ضلعن مان ايندي رھي آھي.ھن ڀيري بھ تنگواڻي،ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين شھرن ۾ ماڻھو ڪافي ڏينھن کان بدامني خلاف سراپا احتجاج آھن.تنگواڻي ۾ شھري ايڪشن ڪاميٽي پاران رات جو ھٿن ۾ ٽارچ ٻاري ۽ اڇا جھنڊا کڻي امن مارچ ڪيو ويو.شھرين، ملڪ ھوٽل کان ريلي ڪڍي شھر جي چوڪ چوراھن جو گشت ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شھرين ۾ خوف ۽ ھراس ڇانيل آھي.ايتري تائين جو پوليس اھلڪار پڻ عام شھرين جيان ڦورن ھٿان مزاحمت تي قتل ٿي رهيا آهن. مقتولن جي تڏي تي آٿت لاءِ ڪو به عملدار توڙي اھلڪار لڙي نه ٿو اچي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا شھرين ۽ پورهيتن جي پگھر جي ٽيڪس مان پگھارون کڻن ٿا پر عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن. عام شھري پنھنجي گھرن ۾ به محفوظ نھ آھن.هنن چيو ته ڪشمور ضلعي جا رھواسي ڀتا پرچي سسٽم، ڀنگ لاءِ اغوا سبب لڏپلاڻ تي مجبور آهن. شھري مجبور ٿي رات جي پھر ۾ لائيٽن ذريعي امن جي ڳولا ڪن ٿا، مظاھرو ڪندڙ شھرين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته عام شريف شھرين کي تحفظ فراھم ڪري امن امان بحال ڪرايو وڃي.
ٻئي پاسي ڪنڌ ڪوٽ آل پارٽي موومينٽ ۽ شھري اتحاد جي سڏ تي ڪنڌ ڪوٽ ضلعي ۽ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ بدامني جي خلاف شروع ڪيل تحريڪ کي 11 ڏينهن گذري ويا، شھرين امن امان جي بحالي لاءِ گھنٽا گھر چوڪ کان پريس ڪلب تائين امن جا جھنڊا کڻي بتيون ٻاري امن ريلي ڪڍي.شھرين ۽ احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آھي تھ ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ضلعي کي پوليس وارن ۽ حڪمرانن ڏوھارين جي رحم وڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي. ھنن جو چوڻ ھو تھ ڪو ڏينهن خالي نٿو وڃي ھر ڏينھن ڪا نھ ڪا واردات ٿئي ٿي. ھنن جو اھو پڻ چوڻ ھو تھ پوليس آفيسر ۽ عملدار ضلعي ۾ امن قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام نظر اچي رھيا آهن.
سنڌ جي متاثر ماڻھن جو اھو سوال ڪنھن بھ ريت غلط نھ آھي تھ ھنن کي امن ڏنو وڃي. اصل ۾ حڪومت جو ڪم عوام جي زندگيءَ جي معيار کي بھتر بڻائڻ ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ، کين قانون موجب ماڻھن حق ڏيارڻ ۾ مدد ڪرڻ ئي ھوندو آھي.پر بدقسمتيءَ سان ھر حڪومت عوام کان ووٽ وٺڻ وقت تھ وڏا وعدا ڪندي آھي پر اقتدار ملڻ بعد انھن کي وساري ويھي ٿي رھي.
جيڪڏھن انصاف ھجي تھ ڪنھن بھ انصاف جي اداري ۾ اھو ثابت ڪري ٿو سگھجي تھ ھن وقت عوام مھانگائي جي ڪري، بيروزگاي، بدامني ۽ ڌاڙيلن جي آزار سبب تنگ اچي چڪو آھي.جنھن جو اصل سبب ھي آھي تھ حڪومت کي عوام جي مسئلن ۾ ڪابه دلچسپيءَ نھ آھي.مھانگائي جي طوفان ماڻھن جو رت ست بھ نپوڙي ڇڏيو آھي،عام واھپي جي شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي سبب غربت وڌي آھي ۽ عوام جي زندگيءَ جو معيار وڌيڪ ھيٺ ڪرندو پيو وڃي. بجلي، پيٽرول ۽ گيس جي قيمتن ۾ غيرمعمولي اضافي عام ماڻهو کي سخت متاثر ڪيو آهي.جنھن ڪري غربت جي لڪير کان هيٺ گھاريندڙن جي انگ ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿي رھيو آھي.
ھاڻي تھ سنڌ ۾ امن بھ بنيادي مسئلو بڻجي ويو آھي.جيڪڏھن حڪومت انتھاپسندن اڳيان جھڪيل آھي، ڏوھارين اڳيان گوڏا کوڙي ويٺي آھي، سمورن ادارن ۾ موجود مافيائن وٽ بيوس آھي تھ پوءِ حڪومت ۾ ويٺل ماڻھو حڪومت ڪرڻ جو اخلاقي جواز وڃائي چڪا آھن.ان جو حل تھ اھو ئي آھي تھ اخلاقي جرئت جو مظاھرو ڪندي عوام آڏو ناڪامي جو اعتراف ڪيو وڃي. سياست ۾ دلچسپيءَ رکندڙ حلقن جو چوڻ آھي تھ سياست گول دائري ۾ گھمي رھي آھي، جنھن مان نڪرڻ جو ڪو رستو نھ پيو ملي.حالتن مان لڳي ٿو تھ ملڪ سياست جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪو آھي.
رياست جي تشريح ھي آھي تھ چونڊجي آيل يا چونڊرايل ڌر کي پارليامينٽ جوڙي ان ۾ ملڪ جي مفادن ۽ عوام جي حقن لاءِ قانون جوڙڻو ھوندو آھي، جنھن تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ ايوان ۾ اڪثريت رکندڙ ڌر کي حڪومت ڏبي آھي، جيڪا ان تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ سسٽم جوڙيندي آھي.صورتحال ھي آھي تھ ھن وقت تائين رڳو حڪومت معاملا بھ چٽا نھ ھئڻ ڪري ڪڏھن حڪومت جو پلڙو ڳرو پيو ٿئي تھ ڪنھن مھل وري اپوزيشن اڳيان نڪري ٿي وڃي. اھڙي غيرمستحڪم حالت جو ملڪ جي معيشت تي اثر پئجي رھيو آھي.جنھن سان عوام کي وڌيڪ ڀوڳڻو پئجي رھيو آھي.عام ماڻھو جي صورتحال ھر گذرندڙ ڏينھن سان گڏ وڌيڪ خراب ٿي رھي آھي.بدامني، مھانگائي، بيروزگاري، غربت، صحت ۽ تعليم جھڙين سھولتن کان وانجھيل ماڻھو ڳڻتي ۾ ورتل آھن.حڪومت پاران ھن وقت تائين ڪنھن رواجي رليف نھ ملڻ سبب ماڻھن جي زندگيءَ جو معيار جئين پوءِ تئين ڪري رھيو آھي.
چوڻ لاءِ تھ سنڌ ۾ ھڪ مڪمل حڪومت آھي ۽ جنھن جماعت جي حڪومت آھي ان کي ڪنھن ٻي ڌر جو محتاج ٿيڻو پڻ نٿو پئي ان ھوندي بھ اھا حڪومت سنڌ جي ماڻھن جا بنيادي معاملا حل ڪرڻ ۾ ڪامياب نھ ٿي رھي آھي، ھاڻي تھ سنڌ جو ماڻھو بدامني سبب روز احتجاج ڪري رھيو آھي. سنڌ جو ماڻھو ٻٽي ظلم جو شڪار آھي، ھڪ تھ ڌاڙيلن، چورن ۽ ڦورن ھن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آھي ٻيو حڪومت ڪنھن بھ سطح تي اھو احساس ڏيارڻ ۾ ڪامياب نھ ٿي آھي تھ اھا عوام جو ڀرجهلو ٿيڻ لاءِ تيار آھي. اترين ضلعن خاص ڪري ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ تھ احتجاج ڪندڙ ماڻھو چون ٿا تھ اتي قانون لاڳو ڪندڙ اداري پوليس جا اھڪار بھ محفوظ نھ آھن.سنڌ جي اختيارين کي ھن حساس معاملي ڏانھن جوڳو ڌيان ڏئي ڪري عوام سنڌ جي ماڻھن کي امن ڳولي ڏيڻ گھرجي جئين اھي ھن ايڪھين صديءَ ۾ جئيڻ جي حق کان محروم نھ رھجي وڃن.
حڪومت توڙي اپوزيشن جي بھتري تھ ان ۾ ئي آھي تھ اھي ڳالھين سان مسئلا حل ڪن، باقي ڪو بھ رستو نھ آھي،سياست جا بھ ڪي اصول ھوندا آھن،بنا ڪنھن اصول يا قانون جي سياست جي ميدان ۾ کيڏندڙ نھ رڳو پاڻ کي پر عوام ۽ ملڪ کي بھ نقصان ئي ڏيندا .