ايران – اسرائيل ڇڪتاڻ ۽ داءُ تي لڳل دنيا جو امن

تحرير: محمد يوسف ڀُٽو

2 آڪٽوبر تي وچ اوڀر جي اُڀ تي ايراني بيلسٽڪ ميزائلن مزاحمت جي پرواز سان انساني رت پياڪ رياست اسرائيل تي وار ڪيو. ھن وار سان بدمست ھاٿي کي سونت ۾ آندو ويو. رھزن جي ناسن ۾ نٿون وڌيون ويون. ھي وار طاقت جي نشي ۾ چُور نيتن ياھو جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي ھو. اڱاري ۽ اربع واري رات 57 اسلامي ملڪن جي دلين مان دؤرِ جديد جي جلاد جو خوف ختم ٿيڻ واري رات ھئي. جڏھن  ته  مسلسل پابندين کي منھن ڏيندڙ ھڪ ملڪ مظلومن جي حمايت ۾ ان ناپاڪ صيھوني رياست تي اپريل بعد آڪٽوبر ۾ هي ٻيو وار ڪيو. ھي وار ان رياست تي ٿيو آھي جيڪا پاڻ کي ناقابل تسخير سمجھي ڪمزور ملڪن تي چڙھايون ڪندي رهي آھي.

اھا رات اونداھين جي مات واري رات ھئي، ان رات روشنين جي سوڀ ٿي. اھا رات وحشي بگھڙن تي ڀاري ھئي. اھا رات ڏاڍ کي ڏارڻ واري رات طور ياد رکي ويندي. ڪلهھ جي ڪربلا وانگر دؤرِ جديد جي ڪربلا ۾ سيد اڄ  به اڪيلو ڏسجي ٿو. ھن عالم، خدا پرست، مستقل مزاج، ثابت قدم، دلير ۽ مدبر رھنما سيد علي الحسيني خامنه اِي اھو ڪري ڏيکاريو جنھن تي ھڪ طرف حق پرستن ۽ مظلومن جي عزت افزائي ٿي ته ٻئي پاسي بيت المقدس جي آزادي لاءِ برسر پيڪار مزاحمتي تنظيمن کي اُتساھ مليو آھي. پيرسني واري ڄمار ۾ ايراني سپريم ليڊر سيد علي الحسيني خامنه اِي پنھنجن پيارن شھيد جنرل قاسم سليماني جھڙي ذھين جرنيل، شھيد ابراھيم رئيسي جھڙي مدبر ۽ مسلم اتحاد جي قائل رھنما ۽ صدر، شجاع پرڏيھي وزير، اسماعيل هانيه جھڙي سياسي ليڊر ۽ حسن نصرالله جھڙي باوفا اڳواڻ کي شھيد ٿيندي ڏٺو پر ان جي عزم ۾ ڪمي نه آئي. نيٺ ھن شھيدن جي خون جو انتقام وٺي دنيا ۾ حُريت پسندن جو ڳاٽ اوچو ڪيو.

2 آڪٽوبر واري رات ايران پاران 400 بيلسٽڪ ميزائلن سان صيھوني وزير اعظم جو غرور خاڪ ۾ ملائي اسرائيل جا 3 فوجي بيسز ۽ گئس فراھم ڪندڙ گئس فيلڊ کي مڪمل طورتباھ ڪري ڇڏيو. ايران اسرائيل جي جديد ترين بيس نفطيم ايئر بيس تي حملو ڪري اسرائيل جي 20 آمريڪي F-35 طيارن کي تباھ ڪري ڇڏيو. چيو پيو وڃي ته ھي اھو ھوائي اڏو ھو جنھن تان اسرائيلي طيارن اڏام ڪري حزب الله جي اڳواڻ سيد حسن نصرالله کي شھيد ڪيو ھو.

انڊين ميڊيا جي ھڪ دعويٰ  به سامھون آئي ته ”ايران اسرائيل جي ان ايئر بيس تي حملو ڪيو آھي جنھن کي دنيا جو سڀ کان جديد ۽ محفوظ ايئر بيس سمجھيو وڃي ٿو“آمريڪا مڇرجي پيو آھي ۽ اسرائيل کي بدلي وٺڻ تي اھو چئي اڪسائڻ لڳو آھي ته ”ھي حملو رياست جو رياست تي حملو آھي“ايراني سپريم ليڊر سيد علي خامنه اِي اسرائيل تي واضح ڪري ڇڏيو آھي ته ”ايران جو اڳيون حملو وڌيڪ سخت ۽ خطرناڪ ھوندو“

ياد رھي سيد علي الحسيني خامنه اِي جي اھا دليري  به دنيا ڏٺي جو بدلي وٺڻ جي اسرائيلي ۽ آمريڪي ڌمڪين باوجود ڪٿي لڪي نه ويٺو. ھن 4 آڪٽوبر تي جمعي ڏينھن تھران يونيورسٽي ۾ جمعي جو خطبو ڏيندي مسلم حڪومتن کي اتحاد جو درس ڏنو. جتي لکين ماڻھو موجود ھئا.ايراني حملي دؤران تل ابيب جي صيھونين حملي بعد سڄي رات سرنگھن ۾ گذاري.اسرائيل کي گڏوگڏ اھو  به جھٽڪو لڳو آھي ته عالمي ريٽنگ ايجنسي فنچ اسرائيل جي طويل مدتي ريٽنگ وڌيڪ گھٽ ڪري ٻڙي تي آڻي ڇڏي.

ھوڏانھن اسرائيل جي ممڪنه ردعمل تي پاسداران انقلابِ اسلامي ايران دعويٰ ڪئي ته ھن حملي ۾ پھريون دفعو ھائپر سونڪ ميزائل استعمال ڪيا ويا. پاسداران انقلاب خبردار ڪيو آھي ته ”ايران خلاف ڪنھن  به جارحيت تي اسرائيل جي پشت پناھي ڪندڙ ملڪن جي اڏن ۽ مفادن کي  به نشانو بڻائينداسين“ايراني صدر چيو ته ”ھي حملو اسرائيلي جارحيت جو ردعمل آھي اسرائيل تي حملا صيھوني رياست خلاف فيصلا ڪُن ردعمل آھي. ھي فيصلاڪُن جواب ڏنو ويو آھي. ايران ۽ خطي ۾ جائز حق جو اسعتمال ڪيو ويو. ھي اسان جي طاقت جو صرف ھڪ گوشو آھي. “

ايراني ملٽري چيف حملي بابت چيو ته ”تل ابيب جي 3 فوجي اڏن، گئس فيلڊ ۽ موساد جي ملٽري ھيڊ ڪوارٽ تي حملو ڪيو ويو“ آمريڪي دفاعي اداري پينٽاگون ايراني حملي جي تجزئي بعد بيان جاري ڪندي چيو ته ”تازو ايراني حملو اڳ واري حملي کان ٻِيڻ تي طاقتور ھو“صيھوني وزيراعظم چيو آھي ته ”ايران وڏي غلطي ڪئي آھي ان کي قيمت چڪائڻي پوندي“

جڏھن اسرائيل فلسطيني ٻارڙا، عام ماڻھو ۽ لبناني عام ماڻھو شھيد ٿـي ڪيا ته انھن حملن کي انڊيا جا نام نھاد ۽ لعنتي ٽي وي اينڪر ۽ تجزيه ڪار اسرائيل جي بھادري واري ڪارروائي بلڪه ”دھشتگردن جي سويلين آبادي ۾ لڪيل اڏن خلاف ڪارروائي“ قرار ڏيندا ۽ خوش ٿيندا رھيا آھن پر ايران جي حملن تي سڪتي ۾ اچي ويا ۽ کين تل ابيب جي سويلين آبادي ياد اچي وئي. پھرين ته ھنن چيو پي ايران ڪجهھ نه ڪري سگھندو رڳو ڌمڪي ڏيندو، ايران کي آمريڪي نيوي گھيريو بيٺل آھي يا ٻيون اھڙيو ڳالھيون ڪيائون ٿي پر 2 آڪٽوبر واري رات کين  به جواب ملي ويو ۽ مايوسي ھنن جي بد صورت چھرن تي نمايان ھئي.

اصل اھميت ان ڳالهھ جي آھي ته اسرائيل جھڙي جديد ترين اسلحي سان ليس ۽ مغربي ملڪن جي لاڏلي ملڪ کي للڪارڻ  به وڏي ڳالهه آھي پر ايران پاران ان صيھوني رت پياڪ رياست کي سڌي طرح انھن حالتن ۾ نشانو بڻايو ويو ، جڏھن آمريڪا جھڙو نام نھاد سپر پاور ملڪ سڄي وچ اوڀر جي مختلف ھنڌن تي پنھنجا فوجي پھچائي ۽ نيوي کي تعينات ڪري چڪو ھجي! برطانيا جا جنگي ٻيڙا اسرائيل جي ڊفينس لاءِ چوڪس ھجن. اھڙي حالت ۾ ايران جو ھي حملي وارو قدم يقينن بھادري ۽ جرئتن جي تاريخ ۾ نمايان حيثيت رکندو. دنيا حيران آھي ته کوڙ سارين پابندين باوجود ايران پنھنجي ميزائل پروگرام کي ڪيترو نه ايڊوانس ڪري ورتو آھي. اسرائيل جي تاريخ ۾ ھي ٻيو موقعو آھي جو ايران ان تي سڌو حملو ڪيو آھي، ان کان اڳ ھن ئي سال اپريل 2024ع ۾  به ايران دمشق ۾ پنھنجي سفارتخاني تي ٿيل اسرائيلي دھشتگرد حملي جي بدلي طور بيلسٽڪ ميزائل ۽ خودڪش ڊرونز سان اسرائيل تي حملا ڪيا.

ھاڻي اھو ته طئي آھي ته وچ اوڀر جي جنگ جي تپش ۾ شدت اچي چڪي آھي، ناقابل تسخير اسرائيلي دعويٰ واري ڦوڪڻي مان ھوا  به نڪري چڪي آھي ان کي پنھنجي حيثيت جو پتو  به پئجي چڪو آھي.

اھا جنگ جنھن کي اسرائيل ۽ آمريڪا صرف غزا تائين محدود رکڻ چاھيو ھاڻي اھا سڄي فلسطين ۽ لبنان تائين پکڙجي چڪي آھي. آمريڪا جي پوري ڪوشش آھي ته جنگ ڏکڻ لبنان کان اڳتي نه ڦھلجي پر نيتن ياھو جو دماغ چَرپَڻ سبب مفلوج ٿي چڪو آھي ۽ کيس سمجھه نه پيو اچي ڇا ڪجي؟ ھڪ طرف حماس آھي ته ٻئي پاسي حزب الله ٽئي پاسي يمن وارا حوثي آھن، چوٿين پاسي عراق آھي ته پنجين پاسي ايران آھي!اسرائيل جي حماس خلاف جنگ جي شروعات کان ئي اھا ڪوشش رھي آھي ته آمريڪا کي ڪنھن صورت جنگ ۾ شامل ڪجي پر آمريڪا کي  به ان حقيقت جو پتو آھي ته ان جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ سان روس پنھنجي دوست ملڪ ايران جي مدد لاءِ اڳتي ايندو ۽ ائين ٽين مھاڀاري لڙائي جي راھ ھموار ٿي ويندي!اسرائيل جو آمريڪا جي آسري ايران خلاف ڪو به جوابي قدم وچ اوڀر جي باھ کي وڌيڪ ڀڙڪائيندو ۽ اھو خود اسرائيل لاءِ تباھي جو ڪارڻ بڻبو، ڇو ته جنھن آمريڪا آسري يوڪرين روس سان وڙھي پنھنجو ڪم تمام ڪرائي رھيو آھي اھو آمريڪا اسرائيل خاطر پنھنجا فوجي جنگ جو ٻارڻ ڪونه بڻائيندو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.