”امن ڳولي ڏيو“ تنگواڻي ۾ رات جو ٽارچون ٻاري ۽ اڇا جھنڊا کڻي مارچ

تنگواڻي (رپورٽ: مھتاب ملڪ ) تنگواڻي ۾ شھري ايڪشن ڪاميٽي پاران رات جو ھٿن ۾ ٽارچ ٻاري ۽ اڇا جھنڊا کڻي امن مارچ ڪيو ويو، مظاهري جي اڳواڻي ۾ قاري ڪفايت الله کوسو، وقار ملڪ، رحمدل لاشاري، اعجاز ملڪ، آصف کوسو، اختر باجڪاڻي، مھتاب ملڪ، اعظم کوسو ۽ شاهد ملڪ ڪري رهيا هئا، مظاهرين ملڪ ھوٽل کان ريلي ڪڍي شھر جي چوڪ چوراھن جو گشت ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شھري خوف ۽ حراس ۾ مبتلا آھن، پوليس اھلڪارن سميت عام شھري ڦرن دوران مزاحمت تي  ھٿياربندن ھٿان قتل ٿي رهيا آهن، مقتولن جي تڏي تي آٿت لاءِ ڪو به عملدار توڙي اھلڪار لڙي نه ٿو اچي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا شھرين ۽ پورهيتن جي پگھر جي ٽيڪس مان پگھارون کڻن ٿا پر عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام آهن، عام شھري توڙي ڳوٺاڻو پنھنجي گھرن ۾ به محفوظ ناھي، ٿهنن چيو ته ڪشمور ضلعي جا رھواسي ڀتا پرچي سسٽم، ڀنگ لاءِ اغوا سبب لڏپلاڻ تي مجبور آهن، شھري مجبور ٿي رات پھر ۾ لائيٽ ذريعي امن جي ڳولا ڪن ٿا، ھنن وس وارن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته عام شريف شھرين توڙي ڳوٺاڻن کي تحفظ فراھم ڪري امن امان بحال ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.