غوثپور ۾ اغوا ٿيل ٻن مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي ڪئمپ قائم

غوثپور/ڪنڌڪوٽ  (نمائندن وٽان )غوثپور ۾ 10 ڏينهن اڳ تنگواڻي لنڪ روڊ وٽان اغوا ٿيل بگٽي برادري جي ٻن نوجوان اسد الله  بگٽي ۽ منظور بگٽي بازياب نه ٿي سگهيا، پوليس جي آپريشن رڳو ڪوڙ تي مشتمل بگٽي برادري مير لياقت خان بگٽي جي اڳواڻي ۾ غوثپور ڀرسان مين انڊس هاءِ وي تي ڪيمپ قائم ڪئي وئي آهي جنھن ۾ مختلف پارٽين جي اڳواڻن ايس يو پي جي يو آءِ پي ٽي آئي جماعت اسلامي شهري اتحاد ڪنڌڪوٽ جي اڳواڻن ڪيمپ تي پهچي اظهار يڪجهتي ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جمال الدين اوڳاھي دلمراد ڏاهاڻي ڊاڪٽر ميهر چند حضور بخش مغل عبدالعزيز سومرو علي اڪبر سنڌي دراوڙ صفي ممتاز سنڌي  ٻين چيو ته ڪشمور ضلعو اغوا انڊسٽري بڻجي ويو آهي رياستي رٽ نه هجڻ ڪري  اغوا ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن جيڪڏهن اسان جا ماڻھو اڃان به بازياب نه ٿيا ته اڳتي جو لائحه عمل اڃان به وڌيڪ سخت هوندو جنهن جي جوابداه حڪومت ۽ هتان جي پوليس انتظاميا هوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.