تنگواڻي /ڪشمور (پ ر) عوامي تحريڪ ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي چونڊ ۽ سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا بچايو ڪانفرنس تنگواڻي ۾ ڪئي وئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، نور احمد ڪاتيار، ضلعي جي نئين چونڊيل صدر ايڊووڪيٽ آصف کوسو، منصور ٻپڙ، جي علي ڏهاڻي، پيارو ٻپڙ، نياز لاشاري ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ڪيو ويو آهي. حڪومتي سرپرستي ۾ ڌاڙيلن کي نيٽو جا اسمگل ٿيل هٿيار پهچايا پيا وڃن. ڌاڙيل ماڻهو اغوا ڪري، مٿن بي رحماڻو تشدد ڪري ڀنگ طلب ڪن ٿا، حڪومت ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران کين سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. حڪومت غير جمهوري فيصلا ڪري پاڪستان جي وفاق کي ڪمزور ڪري رهي آهي. ايس آءِ ايف سي جو قيام جمهوريت تي حملو آهي. اڳواڻن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ غير آئيني ترميم پاڪستان جي وفاق خلاف سازش آهي. ارسا ايڪٽ ترميم وسيلي ملڪ دشمني ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته حڪومتي سرپرستي ۾ انتهاپسندن کي کلي ڇوٽ ڏني وئي آهي. عدالت کان مٿانهان قتل عدالتن جي توهين آهن. ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو قتل سموري عدالتي نظام مٿان سواليه نشان آهي. ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏيندڙ آفيسر سرعام آزاد گهمي رهيا آهن. هنن چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل جي اعلي عدالتي جاچ ڪميشن جوڙي وڃي. انتهاپسندن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ڌاڙيلن خلاف اثرائتو آپريشن ڪري، ڌاڙيلن کي هٿيار پهچائيندڙ ۽ هٿيارن جي تربيت ڏيندڙ ملڪ دشمن قوتن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ڌاڙيلن کي حاصل سرڪاري سرپرستي متعلق عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي