ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌ ڪوٽ آل پارٽي موومينٽ ۽ شھري اتحاد جي سڏ تي ڪنڌ ڪوٽ ضلعي ۽ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ بدامني جي آزار خلاف شروع ڪيل تحريڪ کي 11 ڏينهن گذري ويا ، شھرين امن امان جي بحالي لاءِ گھنٽا گھر چوڪ کان پريس ڪلب تائين امن جا جھنڊا کڻي بتيون ٻاري امن ريلي ڪڍي وئي، امن امان جي بحالي ، ڀتا خوري ختم ڪيو جي حوالي سان زوردار نعريبازي ڪندي شھري اڳواڻن ڊاڪٽر مھر چند، دلمراد ڏاھاڻي ، حضور بخش مغل، اشوڪ ڪمار سونارو، حافظ عبدالقادر سيال ، غلام مصطفي ميراڻي، عزيز سومرو، طارق زان باجڪاڻي، شاھنواز مرھٽو، والي ڏنو سنڌي، سجاد بروھي ، ڪامريڊ عباس، ڇوٽو خان جکراڻي ، اصغر شيخ ، سنتوش اگروال ۽ ٻين چيو ته ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعو پوليس وارن ۽ حڪمرانن ڏوھارين کي ليز تي ڏي ڇڏيو آهي، اھڙو ڏينهن نه آهي جنهن ڏينهن ڪو واقعو ۽ واردات نه ٿي ھجي ، سرعام ڀتاخوري ٿي پئي پوليس آفيسر ۽ عملدار مڪمل ناڪام نظر اچي رھيا آهن، 11 ڏينهن کان روزانو ڪنڌ ڪوٽ سميت ضلعي جي ھر شھر ۾ احتجاج ٿي رھيو آهي، پر ستل حڪمران ۽ پوليس کي ڄڻ ڪو اثر ھي نه ٿو پوي احتجاجي تحريڪ جي باوجود ڏوھاري اڃا به بي خوف ٿي واپارين کي ڀتي لاءِ تنگ ڪن پيا .