اسلام آباد (م ڊ) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي صوبي ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته معاملا حد کان وڌي ويا ته گورنر راڄ لڳائڻ کان نه ڪيٻايو ويندو. نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ۾ آمريڪا جي دوري ۽ صوبي جي معاملن تي ڳالهيون ٿيون. هن چيو ته ملاقات ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جي حوالي سان ڪا ڳالهه ناهي ٿي. هن چيو ته جيڪا شئي آئين ۾ موجود هجي ان جو آپشن ضرور موجود هوندو آهي. گورنر راڄ ماضي ۾ لڳايا ويا آهن، مرض لاعلاج ٿي وڃي ته نه چاهيندي به فيصلو ڪرڻو پوندو آهي.