لاهور (پ ر) ايڇ آر سي پي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي مظاهرين خلاف جاري غير مناسب رد عمل کان پاسو ڪري. ٻن ڏينهن دوران موبائيل فون ۽ ڊيٽا سروسز جي معطلي، روڊن جي بندش ۽ مواصلات ۾ سستي انهن ماڻهن لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪيون آهن جيڪي صحت جي شعبن ۽ روزگار تائين رسائي سان واڳيل آهن. ايڇ آر سي پي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته هو سياسي اپوزيشن سان نيڪ نيتي سان ڳالهيون ڪري ۽ پنهنجي اختلافن کي پرامن طور تي حل ڪري. پي ٽي آءِ کي به گهرجي ته هو سياسي ڳالهين لاءِ اڳتي اچي ته جيئن سياسي پارو گهٽ ڪري سگهجي جيڪو سڀني شهرين جي مفاد ۾ آهي.