لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ملڪ جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي ، امن امان جي نالي\ تي شرمناڪ حربا اختيار ڪيا ويا آهن، مارشل لاء ۾ به ائين نه ٿيو جيڪو نام نهاد جمهوري دور ۾ ٿي رهيو آهي، هن چيو ته اسلام آباد جا رهواسي ٻن ڏينهن کان گهيريل آهن، سڄو پنجاب سيل ڪيو ويو آهي،فوج کي عوام آڏو نه بيهاريو وڃي. اسان حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته سڄي صورتحال کي معمول تي آڻي، پاڪستاني حڪومت کي گهرجي ها ته غزه جي مظلوم ماڻهن جي مدد لاءِ اسلامي ملڪن جي ڪانفرنس سڏائي، پر حڪومت پنهنجي ئي ماڻهن کي مارڻ شروع ڪري ڏنو، هن چيو ته علي امين گنڊاپور کي گرفتار نه ڪيو وڃي، کيس پنهنجي صوبي تي به توجه ڏيڻ گهرجي. آرٽيڪل 63 تي عدالت جو فيصلو قبول ناهي