ٻن قوتن جو جهيڙو آهي،عوام جي ڪنهن کي به پرواهه ناهي: مفتاح اسماعيل

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي هڪ نجي هوٽل ۾ عوام پاڪستاني پارٽي جي جنرل سيڪريٽري مفتاح اسماعيل جي  مختلف شعبن  سان تعلق رکندڙ اڳواڻن سان ملاقات ڪئي وئي. ملاقات ۾ اڳوڻي گورنر محمد زبير ۽ ڪاروباري، سياسي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي عوام پاڪستان پارٽي جي جنرل سيڪريٽري مفتاح اسماعيل چيو ته ملڪ جو حال اهو آهي ته شاهد خاقان عباسي ڪراچي اچڻو هو پر اسلام آباد موجوده صورتحال جي ڪري نه اچي سگهيو آهي، سابق وزيراعظم پنهنجي گهر کان ايئرپورٽ نه ٿو پهچي سگهي، هن وقت ٻن قوتن جو جهيڙو آهي عام ماڻهو ۽ ملڪ جي پرواهه ڪنهن کي ناهي،هن چيو ته  ايس سي او جي ڪانفرنس ٿيڻي آهي، سڀئي ملڪ پنهنجا نمائندا پاڪستان موڪلي رهيا آهن ۽ ملڪ جون حالتون هي آهن، اسان جمهوري روايتن کان پري پيا وڃون، اڄ جيڪي هي قانون ٺاهن پيا ترميم ڪن پيا اهي اڳتي هلي انهن لاءِ به نقصانڪار ثابت ٿيندي، اسيمبلي ۾ عوام لاءِ بحث نه ٿو ٿئي،هن چيو ته  جنهن ملڪ ۾ موبائل نيٽ ورڪ ۽ انٽرنيٽ ڪم نه ڪري ان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪيئن ٿيندي، نيت اها هجڻ گهرجي ته انصاف ڪيئن ٿيندو اها نيت نه هجڻ گهرجي ته ڪهڙو جج هجڻ گهرجي، غربت حد کان وڌيڪ آهي سنڌ حڪومت ۽ پنجاب حڪومت پاران اربين رپين جون گاڏيون خريد ڪيون پيون وڃن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.