شاهنواز واقعي ۾مولوين کي ڳنڍڻ سازش قرار،اها پوليس گردي چئبي: راشد محمود

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام پاران 14 آڪٽوبر تي ميرپورخاص ۾ رٿيل مفتي محمود ڪانفرنس جي تيارين ۽ عوامي  رابطا مهم جي حوالي سان مولانا راشد محمود سومرو وڏي ريلي جي شڪل ۾ ميرپورخاص پهتو  ۽ جلسي جي انتظامن جي حوالي سان شهيد بينظير ڀٽو اسپورٽس ڪامپليڪس جو دورو ڪري انتظامن اسٽيڊيم جو جائزو ورتو، جنهن بعد هو سوين گاڏين جي ريلي ۾ ميرپورخاص ضلع جي مختلف شهرن جو دورو ڪرڻ بعد ناموس رسالت ﷺ ريلي عوامي رابطا مهم دوران مختلف هندن تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته عدالت کان مٿاهين قتل جي جمعيت علماءِ اسلام ڪڏهن به حامي نه رهي آهي، هن چيو ته سنڌ باب السلام هو باب السلام آهي ۽ باب السلام رهندو، اسان جو ملڪ لبرل يا سيڪيولر ناهي اسان جو ملڪ محمد عربي جي غلامن جو ملڪ آهي، عمرڪوٽ جي ڊاڪٽر، گورنر سلمان تاثير ۽ ڪوئيٽا ۾ حضور جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ تان ٿيل قتل ڪنهن مولوي ناهن ڪيا، پر گستاخ رسول کي ڦاهي ڏيڻ واري قانون کي ختم ڪرائڻ لاءِ آمريڪا جا پٽ ۽ سندن پگھار دار انهن معاملن کي مذهبي انتها پسندي چئي رهيا آهن اسان ته انهي باھه کي وسايو آهي انهن واقعن کي پوليس گردي چئي سگھجي ٿو پر ان واقعن ۾ مولوين ۽ عالمن کي ڳنڍڻ هڪ سازش آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.