اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو پٿراءُ، 3 پوليس اهلڪار زخمي

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اسلام آباد  ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو پٿراءُ، 3 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، اسلام آباد ايڪسپريس وي تي سوهاڻ ويجهو مظاهرين ۽ پوليس اهلڪارن ۾ جهيڙو ٿي پيو. پاڪستان تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي راڄڌاني جي مختلف روڊن ۽ علائقن ۾ پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون ٿيون.ڪارڪنن پوليس تي پٿراءُ ڪيو، پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل اڇلائي ڪارڪنن کي منتشر ڪري ڇڏيو، اي ڪي فضل حق روڊ، چائنا چوڪ، چونگي نمبر 26 تي ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي.26 چونگي مان 4 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.  ان کان اڳ آءِ جي اسلام آباد 30 کان وڌيڪ ڪارڪنن جي گرفتاري جو اعلان ڪيو آهي، گرفتار ٿيلن ۾ پي ٽي آءِ جي باني عليما خان ۽ عظميٰ خان جون ڀينرون به شامل آهن، جن کي شام جو ڊي چوڪ تان گرفتار ڪيو ويو.

  1. ڪي پي ڪي مان به فوجي دستا اسلام آباد لاءِ روانا: سيڪيورٽي ذريعا

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه مان به فوج اسلام آباد روانو ٿي وئي آهي، خيبرپختونخواهه مان به فوج اسلام آباد روانو ٿي وئي، اسلام آباد ۽ اردگرد فوج کي مقرر ڪيو ويندو.سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او)  جي اجلاس ۾ ڪنهن کي به افراتفري پيدا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻايو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته هي حفاظتي قدم شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ کنيا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.