اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف جي احتجاجي مظاهري سبب اسلام آباد ۽ راولپنڊي ٻئي ڏينهن به سيل آهن، عدالتون، اسڪول ۽ ميٽرو بس سروس بند هئڻ سبب روڊ رستا مڪمل طور ويران آهن، جڏهن ته پاڪ فوج جي دستن ڊي چوڪ واري علائقي جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي.
تحريڪ انصاف جي احتجاجي مظاهري سبب اسلام آباد ۽ راولپنڊي ٻئي ڏينهن به سيل آهن.
عدالتون، اسڪول ۽ ميٽرو بس سروس بند هئڻ سبب روڊ رستا مڪمل طور ويران آهن، پاڪ فوج جي دستن ڊي چوڪ واري علائقي جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو.
اسلام آباد جي ڀرپاسي آرمي ڊپلائمينٽ جو عمل مڪمل ڪيو ويو، پاڪ فوج جي دستن علائقي ۾ گشت شروع ڪري ڇڏيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جا دستا ڏڦيڙ پکيڙيندڙن جي پٺيان مقرر ٿي چڪا آهن، آرمي جي ڊپلوائمنٽ سان ڏڦيڙي ۽ هٿياربند جٿن جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، پاڪ فوج جي مقرري جو مقصد عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ آهي، وڳوڙين طرفان ڪنهن به قسم جي چڙ ڏياريندڙ حرڪت کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج جا دستا مقرر ڪيا ويا آهن.
تحريڪ انصاف جي قافلي کي موٽر وي تي برهان ۽ هرو وچ ۾ روڪيو ويو هو.
خيبرپختونخوا جو وڏو وزير علي امين گنڊا پور قافلن سان گڏ هرو وٽ رات گذاري.
ڊي چوڪ اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي احتجاج لاءِ علي امين گنڊاپور جي قيادت ۾ ايندڙ قافلو راولپنڊي جي ويجهو پهچي ويو.
ٽيڪسلا جي علائقي ٺٽا خليل وٽ پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ وقفي وقفي سان پٿراءَ ۽ شيلنگ جو سلسلو جاري آهي.
پوليس تحريڪ انصاف ڪارڪنن کي اڳتي وڌڻ کان مسلسل روڪي رهي آهي، جڏهن ته موبائل فون سروس به سخت متاثر آهي.
پي ٽي آءِ جو احتجاج، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ٻئي ڏينهن به سيل، فوج ڪنٽرول سنڀالي ورتو
You might also like