اتر وزيرستان: پاڪ فوج ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ، ليفٽيننٽ ڪرنل سميت 6 جوان شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن سان ويڙهه ۾ پاڪ فوج جي ليفٽيننٽ ڪرنل سميت 6 جوان شهيد ٿي ويا، سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اتر وزيرستان جي علائقي سپن وام ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت، لانس نائيڪ محمد الله، لانس نائيڪ اختر زمان، لانس نائيڪ شاهد الله، لانس نائيڪ يوسف علي ۽ سپاهي جميل احمد شهيد ٿي ويا آهن.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته 43 ورهين جو ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت دهشتگردن خلاف آپريشن جي اڳواڻي ڪري رهيو هو.
آءِ ايس پي آر موجب، شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت جو تعلق فيصل آباد ۽ ٻين پنجن جوانن جو تعلق خيبر، لڪي مروت، ٽانڪ، اورڪزئي ۽ سوات سان آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن، بهادر سپاهين جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.