اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف غزه تي اسرائيلي جارحيت کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي 7 آڪٽوبر تي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف سان جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪئي، وزيراعظم هائوس موجب ملاقات ۾ سياسي پارٽين غزه ۽ فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار قومي سطح تي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ وزيراعظم جي صدارت ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ 7 آڪٽوبر تي اسرائيلي ظلم جو شڪار مسلمان ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، وزيراعظم هائوس موجب فلسطين يوم يڪجهتي ۽ آل پارٽيز ڪانفرنس لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، جنهن ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، شيري رحمان، خواجه سعد رفيق ۽ نيئر بخاري شامل آهن، ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته 7 آڪٽوبر تي سڄي ملڪ ۾ اسرائيلي ظلمن خلاف اجلاس ۽ سيمينار ٿيندا، آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف شرڪت ڪندا، ان موقعي تي بلاول ڀٽو يوم يڪجهتي جي موقعي تي فلسطين ۽ غزه ۾ جاري ظلمن جي حوالي سان ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو ۽ جماعت اسلامي جي موقف کي ساراهيو، ٻئي طرف بلاول ڀٽو زرداري صدر ۽ وزيراعظم پاران فلسطين بابت آل پارٽيز ڪانفرنس جي ميزباني جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي، هن چيو ته غزه ۾ قابض فوج جي وحشياڻي قتل عام جي هڪ سال کانپوءِ جنگ جو دائرو لبنان تائين پکڙجي ويو آهي.هن چيو ته سموري قوم کي هڪ آواز ٿي سامراجي صهيوني ايجنڊا خلاف آواز اٿارڻ گهرجي.