حيدرآباد(رپورٽر) پروگريسو اسٽوڊٽس فيڊريشن جي اڳواڻ ڪامريڊ جئي ڪمار، ايڊووڪيٽ احمد علي دل ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تازو ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي پاران ورتل ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ کي رد ڪندي 8 آڪٽوبر تي ڊائو يونيورسٽي ڪراچي سامهون ڌرڻي هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. هن چيو ته سرمائيدرا ۽ راشي آفيسر غريب والدين جي ٻارن کان ڊاڪٽري جي شعبي ۾ داخلا جا در بند ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جا پيپر آئوٽ ڪيا پيا وڃن، تازو ڊائو يونيورسٽي پاران ورتل ٽيسٽ جا پيپر پڻ وقت کان اڳ آئوٽ ڪيا ويا. هنن چيو ته غريب والدين جي ٻارن سان ميٽرڪ ۽ انٽر جي گريڊ کان ويساهه گهاتي ڪئي پئي وڃي، سنڌ جا تعميلي بورڊ وڏيرن ۽ سرمائيدارن جي اولاد کي پيسئن عيوض گريڊ وڪرو ڪن ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته ٽيسٽ ڏيندڙ ٻارن کي ٽيسٽ جو بڪليٽ ڏنو وڃي. ٽيسٽ ليڪ ٿيندڙ مامري جي اڻڌري جاچ ڪرائي وڃي. ٽيسٽ ٻيهر صاف ۽ شفاف بنيادن تي ورتي وڃي، 3 سالن وارو عرصو ختم ڪري انٽري ۾ پاس ٿيندڙ ٻارن جي گزٽ ٽيسٽ کان فوري بعد پڌري ڪئي وڃي.17