ڀريا (رپورٽ: مير محمد سهتو) ڀريا روڊ ۾ڪجهه ڏينهن موبائيل چوري جي الزام ۾ عامر ملڪ ۽ راشد آرائين کي پوليس کنڀي گم ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ نوجوان عامر ملڪ کي بدترين تشدد جو نشانو بڻائي بيهوشي حالت ۾ ظاهر ڪيو ويو، جنهن کي نوابشاهه اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، کنڀيل ٻيو نوجوان راشد آرائين اڃا تائين ظاهر نه ٿي سگهيو. ان سلسلي ۾ ڀريا روڊ جي شهرين نظير آرائين، ملڪ وسيم اعواڻ، مختيار احمد ملڪ، اشتياق احمد آرائين، عاطف آرائين، فوجي عمران ۽ ٻين فاروق اعظم چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي شٽر بند هڙتال ڪرائي ڌرڻو هنيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي نوجوانن جي وارثن ۽ شهرين جو چوڻ هو ته پوليس ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي موبائيل چوري الزام ۾ هڪ ڄڻي راشد آرائين کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي ۽ عامر ملڪ کي بدترين تشدد جو نشانو بڻائي بيهوشي حالت ۾ ڇڏيو ويو آهي، هنن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو ته فورن گم ٿيل نوجوان کي بازياب ڪرائي اسان انصاف ڪيو وڃي نه ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو. ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي ڀريا فھد ارشاد مغل ٻڌايو ته ايس ايس پي نوشھرو فيروز سينگھار ملڪ جي ھدايتن تحت 3 ايس ايڇ اوز ۽ ھڪ ڊي ايس پي تي ٻڌل جاچ ٽيم جوڙي وئي آھي جيڪا معاملي جي اڻڌري جاچ ڪندي.