18 آڪٽوبر تي ڪارساز سانحي جي ياد ۾ حيدرآباد ۾ جلسي جو اعلان

ڪراچي  (رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي تھ حيدرآباد ۾ 18 آڪٽوبر سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هٽڙي باءِ پاس وٽ وڏو جلسو ۽ ريلي ڪڍي ويندي. هن وقت پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سڀ کان وڌيڪ سيٽون کٽيون آهن پوءِ اھي مڪاني هجن يا قومي يا صوبائي سيٽون ھجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏھاڙي پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سيد وقار مهدي، پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ صوبائي وزير سعيد غني، جنرل سيڪريٽري جاويد ناگوري، سينيئر نائب صدر مرزا مقبول، نجمي عالم،  ڊپٽي اطلاعات سيڪريٽري آصف خان، شڪيل چوڌري سميت  قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن، سينيٽرن، ڊپٽي ميئرز، سمورن ضلعن جي صدرن، جنرل سيڪريٽرين، سينيئر وائيس پريزيڊنٽس، انفارميشن سيڪريٽرين، سمورن ٽائونز ۽ يو ايس سيز جي چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن، سمورن ماتحت ادارن جي آفيسر سميت ٻيا پڻ موجود ھئا. اجلاس کي خطاب ڪندي نثار احمد کهڙو چيو تھ  12 مئي جي سانحي ۾ به ڪراچي اندر بيگناهه شهرين کي شهيد ڪيو ويو ۽ 18 آڪٽوبر جو سانحو به معصوم شهرين جي شهادت جو ڏھاڙو آهي. نثار احمد کهڙو چيو ته اڄ پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ هر هنڌ موجود آهي، اسان ڪراچي ۾ 104 يو سيز تي ڪامياب ٿيا آهيون ۽ هن وقت 25 ٽائونن مان 13 ٽائونن جا چيئرمين پيپلز پارٽي سان تعلق رکن ٿا. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي حيدرآباد ۾ ڪارساز سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ اجلاس منعقد ڪري رھيا آھيون. هن چيو ته ريلي حيدرآباد ۾ 18 آڪٽوبر جمعي ڏينهن 3 وڳي هٽڙي بائي پاس وٽان ڪڍي ويندي. پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي خاص مددگار سيد وقار مهدي چيو ته ڪارساز سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ريلي تاريخي ثابت ٿيندي. پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ صوبائي وزير سعيد غني چيو ته هن ڀيري چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 18 آڪٽوبر سانحي جي شهيدن جي ورسي جي سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ جلسو ۽ ريلي منعقد ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي ۽ ڪراچي جا سمورا عهديدار ۽ ڪارڪن ان ريلي  ۽ جلسي ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪندا. سعيد غني چيو ته ان کان اڳ پاڪستان پيپلز پارٽي 7 آڪٽوبر تي منجهند 12 وڳي ڪراچي ڊويزن جي سمورن يو  سيز سطح تي غزه ۽ فلسطين ۾ اسرائيلي ظلمن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو ۽ اسان جي فلسطيني ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪنداسين. هن چيو ته 17 آڪٽوبر تي شام جي وقت ڪارساز واري ھنڌ تي ڪارساز سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ ۽ فاتحه خواني جي تقريب منعقد ڪئي ويندي ۽ ڏيئا روشن ڪيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.