وفاقي راڄڌاني ۾ڇڪتاڻ، چڪريون، شهر فوج حوالي

اسلام آباد (م ڊ) آئيني ترميمن خلاف پي ٽي آءِ جي اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي اعلانيل احتجاج کي روڪڻ لاءِ حڪومت پاران ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي، شيلنگ سبب شهر دونهن ۾ گهيرجي ويو، عمران خان جي ٻنهي ڀينرن سميت سوين ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا، ڇڪتاڻ سبب شهر فوج حوالي ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ جي احتجاج کي نظر ۾ رکندي انتظاميا اسلام آباد ڏانهن ويندڙ سمورا رستا سيل ڪري ڇڏيا، روڊن تي ڪنٽينر ۽ ٻيون رڪاوٽون بيهارڻ سبب راولپنڊي اسلام آباد کان به ڪٽجي ويو، ان کان علاوه پوليس جي وڏي نفري به مقرر ڪئي وئي، چيرنگ ڪراس چوڪ کي ٻنهي طرفن کان بند ڪيو ويو، جڏهن ته ايم ايڇ چوڪ صدر مال روڊ کي به ٻنهي طرفن کان بند ڪيو ويو، حيدر روڊ، فليش مين ۽ ميرو اسٽيشن روڊ، مروڙي چوڪ هر طرف کان ۽ مري روڊ پڻ مڪمل طور بند ڪيا ويا، ڊبل روڊ اسٽيڊيم کي به رڪاوٽون لڳائي بند رکيو ويو، سٽي ٽريفڪ پوليس جو چوڻ آهي ته امن امان جي صورتحال دوران روڊن جي حالت کي نظر ۾ رکيو وڃي ۽ غير ضروري سفر کان پاسو ڪيو وڃي، رات دير سان ڊي چوڪ ڀرسان جناح ايونيو جون بتيون به بند ڪيون ويون، جڏهن ته پوليس، ايلٽ فورس ۽ ايف سي جناح ايونيو ۽ ڊي چوڪ تي موجود رهيا، ڊي چوڪ تي پهچڻ جي ڪوشش ڪندڙ ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ رات دير تائين چڪريون جاري رهيو، شهر مان اٽڪل 100 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، ان کان اڳ پي ٽي آءِ باني عمران خان جون ڀينرون عليمه خان ۽ عظمي خان ڪالهه جيئن ئي ڊي چوڪ تي پهتيون ته پوليس کين گرفتار ڪري سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو، هوڏانهن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي اڳواڻي ۾ پشاور مان نڪتل پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو قافلو ڪالهه ٻنپهرن جو ڇڇ ۽ پوءِ برهان انٽرچينج وٽ ٻن ڪلاڪن تائين رڪاوٽن ۾ ڦاسي پيو، جنهن بعد قافلو ڪنٽينر هٽائي اڳتي وڌيو، پوليس جي شيلنگ سبب قافلو موٽر وي تي پٿر ڳڙهه وٽ پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، شام جو ساڍين 8 وڳي حسن ابدال ڪٽي پهاڙي وٽ علي امين گنڊاپور جي قافلي تي سخت شيلنگ ڪئي وئي، پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪرين جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪارن سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، شيلنگ دوران علائقو اونداهي ۾ گهيرجي ويو، قافلي کي خطاب ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته برهان انٽرچينج وٽ اسان جي قافلي کي روڪيو ويو، پرامن سياسي ڪارڪنن تي شيلنگ ڪئي وئي، فائرنگ به ڪئي وئي، شيلنگ ۽ فائرنگ سبب زخمي ڪارڪنن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته موٽر وي ۾ کڏا کوٽي بند ڪيو ويو آهي پر هر صورت ۾ ڊي چوڪ تي پهچنداسين، هن چيو ته مان قافلي ۾ سڀني کان اڳيان آهيان جنهن کي گوليون هڻڻيون آهن، سامهون اچي هڻو، لڪي نه مارجو، ٻي پاسي پي ٽي آءِ اڄ 5 آڪٽوبر تي لاهور مينار پاڪستان تي احتجاج جو سڏ ڏنو آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي لاهور پوليس سڪيورٽي پلان کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، لاهور جي رستن تي 15 هزار پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڊولفن فورس ۽ ٻيا اهلڪار به مقرر هوندا، لاهور مان قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي 250 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، هوڏانهن مقامي انتظاميا طرفان جمعي جي صبح ئي موبائيل فون سروس بند ڪئي وئي هئي، جڏهن ته وفاقي حڪومت امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ فوج مقرر ڪري ڇڏي آهي، جنهن پنهنجي ذميواري سنڀالي ورتي آهي، ان حوالي سان خيبرپختونخواهه مان به فوج جٿا گهرايا ويا آهن، سڪيورٽي ذريعن موجب عوام جي جان مال ۽ ايس سي او اجلاس جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ حفاظتي قدم کنيا ويا آهن، ڪنهن کي به افراتفري پکيڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

خيبرپختون خواهه ۾ گورنر راڄ لڳايو ويو تڏهن به صورتحال خراب رهندي؟

اسلام آباد (نجم سيٺي) رياست طرفان سختي ڪئي وئي آهي. اها ڳنڀير صورتحال آهي. شنگهائي سهڪار تنظيم جو اجلاس گهرايو ويو آهي. هاڻي ڪنهن کي اسلام آباد ۾ حالتون خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت ناهي، عمران خان کي خبر آهي ۽ چاهي ٿو ته فوج جا سپاهي هجن احتجاج خلاف، عمران خان جيڪڏهن اهو تڪرار ڪرائڻ چاهي ٿو ته ان کان وڏي خطرناڪ ڳالهه نٿي ٿي سگهي، ان کي هلڪو نه وٺڻ گهرجي، عمران خان کي پوئتي هٽڻ گهرجي نه ته رتوڇاڻ ٿي سگهي ٿي. گنڊاپور، زين قريشي ۽ ٻيا به ڊنل آهن، کين خبر آهي ته ڳالهيون ڪيڏانهن وڃي رهيون آهن، گنڊاپور چيو آهي ته عمران خان سان رابطو ڪريو، سندن آئيني ترميم روڪرائڻ ۽ جسٽس منصور علي شاهه کي چيف جسٽس بڻجڻ لاءِ رستو کولڻ جو مقصد آهي. هو معاملي کي 25 آڪٽور تائين اينگهائڻ چاهيندا، حڪومت عمران خان سان ڳالهائيندي ته حڪومت ڪمزور لڳندي، عمران خان پوئتي هٽيو ته عمران خان ڪمزور لڳندو، اها به ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ته ڪجهه افغاني به احتجاج ۾ شامل ٿي ويا آهن. هٿياربند به آهن، حڪومت ۽ اتحاد جا جنهن نمبر پورا ٿيا ان ئي ڏينهن آئيني ترميم ڪندا، عمران خان پوئتي هٽي ٿو يا نه، رياست ڪيئن ڪريڪ ڊائون ڪندي، آئيني ترميم ٿئي ٿي يا نٿي ٿئي، جيڪو ٿيڻو آهي اهو ٻن ٽن ڏينهن ۾ واضح ٿي ويندو، خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ لڳايو به وڃي ته صورتحال پوءِ به خراب رهندي.

اسلام آباد تي خيبرپختون خواهه کان هر چوٿين ڏينهن حملو ڪرڻ نه ڏنو ويندو: وفاقي سرڪار

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير سينيٽر محسن نقوي چيو آهي ته احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي پر پاڪستان تحريڪِ انصاف جا ڪارڪن هٿيار کڻي حملو ڪرڻ اچي رهيا آهن، ڊي چوڪ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ڪنهن کي به ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، ڪالهه به درخواست ڪئي هئي ته في الحال جلسا جلوس نه ڪريو، هن چيو ته اسان جي جيتري به فورس آهي انهن مان ڪنهن وٽ به هٿيار نه آهي، وڊيوز ۽ تصويرن  ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جيڪي ماڻهو اچي رهيا آهن وٽن هٿيار آهن، سندس چوڻ هو ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير پاڪستاني آهي، کيس سوچڻ کپي ته ڇا ڪري رهيو آهي، وٽس سڄو صوبو آهي جتي وڻي احتجاج ڪري، احتجاج ڪرڻ سندس حق آهي پر طريقيڪار ٺيڪ نه آهي، گهرو وزير چيوته بلڪل ڪليئر آهيان ته هو اسلام آباد تي چڙهائي ڪري رهيا آهن، اسان پنهنجي پرڏيهي مهمانن جي حفاظت لاءِ انتظام ڪيا آهن، ٻاهران آيل مهمانن جي سيڪيورٽي لاءِ ڪجهه اضافي قدم کڻڻا پيا آهن، هن چيو ته اسان جي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجو ڪم پورو ڪن ۽ جيڪي ماڻهو احتجاج جو سوچي رهيا آهن انهن کي ٻيهر سوچڻ گهرجي، اسلام آباد تي خيبرپختونخواهه مان هر چوٿين ڏينهن حملو ڪرڻ نه ڏنو ويندو.

پي ٽي آءِ کي ٽف ٽائيم ڏئي سگهون ٿا: ڪنڊي

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف سان خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ايم پي اي احمد ڪنڊي، گهرو وزير محسن نقوي، احسن اقبال، احد چيما به موجود هئا، ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ ڪي پي ڪي جي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ گورنر خيبرپختونخواهه صوبي جي معاملي ۾ وفاقي حڪومت جي سنجيده نه هجڻ جي شڪايت ڪئي، ذريعن موجب گورنر شڪايت ڪئي ته خيبرپختونخواهه کي تحريڪ انصاف جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، گورنر وزيراعظم کي خيبرپختونخواهه جي معاملن ۾ دلچسپي وٺڻ جي درخواست ڪئي ۽ موجوده صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ مختلف آپشنز ڏنا، ذريعن جو چوڻ آهي ته فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اسان جو ساٿ ڏيو، تحريڪ انصاف کي ٽف ٽائيم ڏئي سگهون ٿا، خيبرپختونخواهه حڪومت وفاق تي حملي لاءِ ڪروڙين رپين جو سامان خريد ڪيو، ذريعن موجب گورنر وزيراعظم کي ايندڙ هفتي خيبرپختونخواهه جي دوري جي دعوت ڏني.

احتجاج ملتوي ڪرائڻ لاءِ عمران  کي  اسٽيبلشمينٽ جي رابطي جو انتظار

لاهور (معظم فخر) پي ٽي آءِ پاران احتجاج ڪيو پيو وڃي پر حڪومت چيو آهي ته سختي سان منهن ڏنو ويندو. احتجاج جو هڪ رخ اهو به آهي ته پاڪستان ۾ پرڏيهي مهمان اچڻا آهن، شنگهائي سهڪار تنظيم جو اجلاس ٿيڻو آهي ٻئي پاسي پي ٽي آءِ جو احتجاج غلط تاثر ڏيندو ان جي ڪري ان احتجاج کي روڪڻو پوندو. عمران خان جي اها خواهش آهي  ته رياست کيس منٿ ڪري احتجاج ملتوي ڪرائي ته جيئن کيس اهو تاثر ڏيڻ جو موقعو ملي ته رياست هارائي وئي ۽ هو کٽي ويو آهي. پر رياست طرفان محسن نقوي ذريعي سخت پيغام ڏنو ويو آهي ته عمران خان جي اها خواهش پوري نه ٿيندي. جيڪڏهن علي امين گنڊاپور به نه مڙيو ته اهو پهريون موقعو هوندو جڏهن صوبي جي وڏي وزير کي گرفتار ڪيو ويندو.

ايس سي اواجلاس دوران ڪنهن کي گڙٻڙ جي اجازت نه ڏينداسين: سيڪيورٽي ذريعا

اسلام آباد (م ڊ) سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايس سي او سمٽ جي سيڪيورٽي حوالي سان ڪنهن کي به انتشار پکيڙڻ  جي اجازت نه ڏينداسين، اسلام آباد ۾ اڄ کان فوج مقرر هوندي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي چڪو آهي، اسلام آباد ۽ ان جي چوڌاري پاڪ فوج مقرر ڪئي ويندي ۽ ڪنهن کي به افراتفري پيدا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عوام جي جان ۽ مال جي سلامتي ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويندو، سيڪيورٽي قدمن جو مقصد شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ آهي.

اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )  شنگهائي تعاون تنظيم  (ايس سي او) جي اجلاس لاءِ وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.نوٽيفڪيشن موجب آرٽيڪل 245 تحت ايس سي او سربراهي اجلاس دوران سڪيورٽي جي ذميواري فوج سنڀاليندي ۽ 17 آڪٽوبر تائين اسلام آباد ۾ ايس سي او سربراهه اجلاس دوران فوج کي مقرر ڪيو ويندو.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته فوج 5 آڪٽوبر کان 17 آڪٽوبر تائين مقرر ڪئي ويندي.اسلام آباد جي سڪيورٽي جي ذميواري فوج حوالي ڪئي ويندي ۽ پوليس سميت ٻيا ادارا سندن مدد ڪندا. شنگهائي تعاون تنظيم جو سربراهي اجلاس 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندو، جنهن ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا سربراهه ۽ نمائندا شرڪت ڪندا.

احتجاج ۾ ن ليگ جا هٿياربند ڪارڪن شامل ٿيڻ جا ثبوت آهن: بئريسٽر سيف

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي صلاحڪار  بئريسٽر محمد علي سيف الزام لڳائيندي چيو آهي ته سندن پرامن احتجاج ۾ ن ليگ جا هٿياربند ڪارڪن شامل ٿيڻ جا ثبوت مليا آهن، پنهنجي بيان ۾ بئريسٽر سيف چيو ته پرامن ماڻهن کان نون ليگ ڊنل ڇو آهي؟ وفاق ۽ پنجاب حڪومت جو خوف سمجهه کان ٻاهر آهي، سندس چوڻ هو ته سياست کي سياسي ادارن تائين محدود رکڻ گهرجي، شريف خان مان ڇوٽڪارو اڻٽر آهي، نون ليگ ميدان ۾ اچي ۽ ادارن کي پنهنجي سياست لاءِ استعمال نه ڪري، بئريسٽر سيف چيو ته نااهل وفاقي حڪومت پرامن احتجاج کي زبردستي پُرتشدد بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

وڏي وزير گنڊاپور جي اڳواڻي ۾  احتجاج رياست خلاف بغاوت آهي

اسلام آباد (تجزيو: رزاق کٽي) 26ھين آئيني ترميم کي پاس ڪرائڻ کان روڪڻ لاءِ پختون خواھ جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي سربراھي ۾ وفاقي گادي واري شھر اسلام آباد جي ڊي چوڪ ۾ ڌرڻي لاءِ قافلو اچي رھيو آھي. ھن عمل کي جيڪڏھن وفاق خلاف صوبي جي بغاوت چئجي ته وڌاءَ نه ٿيندو . خاص ڪري ان وقت جڏھن ملائيشيا جو وزيراعظم ٽن ڏينھن جي دوري تي ھجي ۽ پرڏيھي وزارت 12 آڪٽوبر تي ٿيندڙ شنگھائي سهڪار تنظيم جي تيارين جي آخري مرحلي ۾ ھجي، 12 ملڪن جا پاڪستان ۾ موجود سفارتخانا تيارين ۾ رُڌل ھجن، اھڙي وقت ۾ حڪومت ڪوبه اھڙو خطرو کڻڻ لاءِ تيار ناھي، جيڪو ھن ڪانفرنس کي سبوتاز ڪري. ھن وقت گادي وارو شھر اسلام آباد ، ”ڪنٽينر آباد“ ۾ تبديل ٿي ويو آھي. اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ داخل ٿيڻ وارا سمورا رستا بند ڪيا ويا  آھن. پشاور کان اسلام آباد جي وچ ۾ موٽر وي کي کوٽي گنڊاپور جي قافلي کي روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويون آھن. گنڊا پور صوبي  جي سرڪاري وسيلن سميت اسلام آباد ڏينھن اچي رھيو آھي، ھنن وٽ گئس ماسڪ ۽ ڪنٽينر ھٽائڻ واريون مشينون آھن. ان کان اڳ ۾ پرويز خٽڪ، صوبي جو وزيراعلي ھو، ان جي دور ۾ به ائين ئي ٿيو ھو .ھن سڄي صورتحال جي پسمنظر ۾ وڃڻ کان اڳ ۾ پيش منظر کي سمجھڻ جي ضرروت آھي. سپريم ڪورٽ پاران آئين جي آرٽيڪل 63 اي بابت جيڪو فيصلو آيو آھي، ان ھڪ ڳالھه کي ته واضح ڪري ڇڏيو آھي ته ان فيصلي جو سڌو فائدو موجودھ حڪومت ۽ چيف جسٽس قاضي فائز عيسي کي ٿيو آھي. حڪومت ان فيصلي بعد ان پوزيشن ۾ اچي وئي آھي ته ھو مولانا فضل الرحمان جي محتاجي کان سواءِ ملڪ ۾ آئيني عدالت جي قيام ۽ چيف جسٽس ۽ ھاءِ ڪورٽ جي ججن جي عمر وڌائڻ سميت پنھنجي مرضي جي آئين ۾ ترميم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي، پر شرط اھو آھي ته پي ٽي آءِ جا اھي ميمبر، جيڪي اليڪشن ڪميشن ۾ پنھنجي پارٽي وابستگي جي باري ۾ حلف نامو جمع ڪرائي چڪا آھن، پر ٽيڪنيڪلي طريقي موجب اليڪشن ڪميشن  وٽ انھن جي حيثيت آزاد آھي، اھي  ووٽ ڪندا ته 26 ھين آئيني ترميم منظور ٿي سگھندي. انھي ترميم کي روڪڻ لاءِ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي ڌرڻي جي ڪال بعد جمع ڏينھن اسلام آباد ۾ ڪرفيو واري صورتحال ھئي. وفاقي حڪومت شھنگھائي تعاون تنظيم جي اجلاس کان 8 ڏينھن اڳ ۾ اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي جي نالي تي فوج طلب ڪري ورتي آھي، پر پي ٽي آءِ،  جيڪا اسلام آباد ۾ ن ليگ کان وڌيڪ حمايت رکي ٿي، ان جا حامي رستن تي نڪري آيا، ۽ پوليس جي بي انتھا شيلنگ جي نتيجي ۾ بليو ايريا جي آس پاس گھرن اندر موجود رھائشين لاءِ ساھ کڻڻ مشڪل ٿي ويو ھو. مختلف ھنڌن تي جھڙپون سڄو ڏينھن جاري رھيون . خير! ھن سڄي صورتحال ۾ وفاقي حڪومت کي اندازو ناھي ته اھو معاملو گھڻا ڏينھن ھلندو، ڇا اڄ ڇنڇر واري ڏينھن تائين اسلام آباد ۾ زندگي جو معمول بحال ٿيندو يا شھر اڃا ڪيترا ڏينھن بند  رھندو ان باري ۾ في الحال ڪجھ چوڻ وقت کان اڳ ھوندو. ھن سڄي منظرنامي ۾ جيڪا اھم ڳالھ آھي، اھا ھي ته پي ٽي آءِ جو چيئرمين بيرسٽر گوھر گم رھيو، پر عمران خان جون ڀينرون اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي  پھچي ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.