اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر جي شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڀارتي پرڏيهي وزير جي دوري سان ڪنهن وڏي بريڪ ٿرو جو امڪان ناهي، پر پاڪستان جي روايتن مطابق کيس استقبال ٿيڻ گهرجي. اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته منهنجي نظر ۾ ڪو به موقعو نه هو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان اچن ها، اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته دنيا هن وقت علائقائي فورمن ۾ ورهائجي رهي آهي، عالمي سطح تي علائقائي فورمن جي اهميت وڌي رهي آهي.