ٻانڌي (رپورٽ: محمد حنيف جمالي)ٻانڌي ۾ زميني تڪرار تان قتل ٿيل 9 ڄڻن جي تڪرار واري معاملي جو فيصلو اڳوڻي صوبائي وزير سردار خان محمد ڏاھري جي سرپنچي ۾ ٿيو، ٻنھي ڌرين جون ڳالھيون ٻڌڻ بعد سردار خان محمد ڏاھري معززين سان مشاورت بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، فتويٰ 8 آڪٽوبر تي ٻڌائي ويندي. 6 مھينا اڳ جمال شاھه ٿاڻي جي حد ڳوٺ واحد بخش ڏاھري ۾ زميني تڪرار تان ڏاھري برادري جي ٻن ڌرين غلام رسول ڏاھري ۽ عبدالڪريم ڏاھري وارن وچ ۾ زميني تڪرار تان جھيڙو ٿيو ھو. جهيڙي ۾ غلام رسول ڏاھري جي ڌر جا 6 ماڻھو ۽ عبدالڪريم ڏاھري جي ڌر جا 3 ماڻھو قتل ۽ 4 ماڻھو زخمي ٿيا ھئا. فيصلي ۾ غلام رسول ڏاھري ۽ عبدالڪريم ڏاھري جي ڌرين پاران جھيڙي جا تفصيل قرآن پاڪ تي ھٿ رکي ڏنا ويا، ٻنھي ڌرين جي ماڻھن جون ڳالھيون ٻڌڻ بعد سردار خان محمد ڏاھري معززين سان مشاورت ڪرڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، جڏھن ته معززن سان مشاورت ڪرڻ بعد فيصلي جي فتويٰ 4 ڏينھن بعد 8 آڪٽوبر تي ٻڌائي ويندي.