تنگواڻي )رپورٽ: مھتاب ملڪ) تنگواڻي ۾ جي يو آءِ جي سڏ تي بدامني خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جڏهن ته ڪاروباري ماڻهن به يڪجهتي جو اظهار ڪندي شهر بند ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ وين اسٽاپ تي لڳل ڌرڻي کي خطاب ڪندي يو آءِ جي مولوي محمد صلاح ملڪ، نادر بھلڪاڻي، جمال الدين اوڳاھي، خان محمد ملڪ، اسد الله ڀيو، عبدالحميد باجڪاڻي ۽ ٻين چيو ته ضلعي اندر امن امان بگڙيل آھي، پوليس ۽ رينجرس جي گڏيل آپريشن نالي حڪومت ڪروڙين رپيا بجيٽ رکي ھڙپ ڪري ويا آهن، شام ٿيندي ئي شھر ويران ٿي وڃن ٿا، ھنن چيو ته چونڊيل نمائندا، سيڪيورٽي فورسز به ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ تنگواڻي جي امن امان لاءِ ڪردار ادا نه پيا ڪن، ھنن چيو ته ضلعي امن امان بحال ڪرائي ڪشمور ڪنڌڪوٽ تنگواڻي واسين کي تحفظ ڏنو وڃي.
-
غوثپور ۾ مغوين جي آزادي لاءِ ٻيهر انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو
غوثپور (رپورٽ : عبدالجبار اوڳاهي)غوثپور ۾ بگٽي برادري مغوين جي آزادي لاءِ ھڪ ڀيرو ٻيھر لڪڙا هوٽل ڀرسان انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو، پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي، جڏهن ته 10 ڪلاڪ روڊ بند هجڻ ڪري مسافر سخت پريشانين کي منهن ڏيندا رهيا، مغوين جي وارثن چيو ته هفتو گذرڻ باوجود پوليس مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ناڪام ٿي وئي آهي، هاڻ مغوين جي بازيابي تائين احتجاجي ڌرڻو جاري رهندو. ٻئي طرف مغوين جي بازيابي لاءِ ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ خان محمد سبزوئي تي چڙهائي ڪري سرچ آپريشن ڪري ڏني آهي، آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ پڻ ٿي، فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا.
-
12 آڪٽوبر کان بدامني خلاف تحريڪ هلائينداسين: مولانا عبدالله مهر
شڪارپور (رپورٽ : ذوالفقار مگسي)شڪارپور ۾جي يو آءِ ضلعي عھديدارن جو اھم اجلاس ضلعي امير مولانا عبدالله مھر جي صدارت هيٺ مدرسه تاج العلوم ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ مولانا عبدالباري شيخ، مولانا ثناءُ الله ڀٽو، مفتي غلام قادر بروهي، قاري منيب احمد سومرو، مولانا محمد طيب ميکو، مولانا تاج محمد مهر، مفتي عبدالرزاق بروهي، مولانا عبدالوحيد ڪيھر، حافظ رفيق احمد شر، قاري سعيد احمد مھر، الله ڏنو سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ضلعي امير مولانا عبد الله مھر ۽ ٻين چيو ته شڪارپور ضلعو بدامني جي باھه ۾ سڙي رھيو آھي، پوليس مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي ھر طرف رت جي راند ۽ اغوا ڪاري غريب عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، ڌاڙيلن جي لاءِ نرم گوشو رکندڙ پوليس به هاڻ محفوظ ناهي رهي، معصوم ٻارڙن جي اغوائن جون وارداتون سمجهھ کان ٻاهر آهن.هنن مطالبو ڪندي چيو ته في الفور امن امان جي صورتحال کي بھتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن نه ته بدامني خلاف سخت احتجاجي تحريڪ هلائينداسين، 12 آڪٽوبر تي امن مارچ نالي رستم موڙ کان لکيدر تائين پنڌ ريلي ڪڍي ويندي جنهن ۾ ھزارين ڪارڪن توڙي شھري شرڪت ڪندا.
-
ڪنڌ ڪوٽ ۾ امن لاءِ شھري نائين ڏينهن به روڊن تي، ذميوار خاموش
ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ: ممتاز سنڌي)ڪنڌ ڪوٽ ۾ امن لاءِ شھري نائين ڏينهن به روڊن تي نڪتا پر ذميوار خاموش رهيا!ڪالهه به شهرين آل پارٽي موومينٽ ۽ شھري اتحاد جي سڏ تي امن جا جھنڊا کڻي ۽ موبائيل فونن جون بتيون ٻاري گھنٽا گھر کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، جنهن کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مھر چند، دلمراد ڏاھاڻي، طارق باجڪاڻي، حاجي حضور بخش مغل، اشوڪ ڪمار سونارو، غلام مصطفيٰ ميراڻي، سجاد بروھي، شمن علي باجڪاڻي، ھريش ڪمار، ڪامريڊ عباس ۽ ٻين چيو ته امن نه ھجڻ ڪري عوام پريشان آهي، امن لاءِ شھر جو ھر طبقو روڊن تي نڪتل آهي پر وس وارا ۽ امن ڏيڻ جا ذميوار مجرماڻي خاموشي ڪري ويٺل آهن جيڪا سندن نااھلي ثابت ڪري ٿي، هنن چيو ته اسين بي خوف ٿي امن لاءِ نڪتا آهيون، امن جي بحالي تائين تحريڪ جو سلسلو جاري رکنداسين.
-
دادلغاري واسي مغوي تي تشدد جي ٽئين وڊيو وائرل
ڏهرڪي (رپورٽ: آصف شر)ڏهرڪي ڀرسان اغوا ٿيل دادلغاري واسي مغوي نوجوان نذير مارواڙي تي بيرحم ڌاڙيلن پاران تشدد جي ٽين ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي، وائرل ٿيل ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته بيرحم ڌاڙيل مغوي نوجوان نذير مارواڙي تي بيرحماڻو تشدد ڪري رهيا آهن، وائرل ٿيل ويڊيو ۾ ڌاڙيل مطالبو ڪري رهيا آهن ته اسان کي 50 لک رپيا ڀنگ ڏيو ٻي صورت ۾ اسان مغوي کي قتل ڪري لاش سي پيڪ موٽروي تي ڦٽو ڪري ڇڏينداسين،
هوڏانهن مغوي نوجوان نذير مارواڙي جا وارث نوجوان جي بازيابي لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهن مغوي نوجوان جي بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي.
-
سمورن مغوين کي جلد بازياب ڪرائينداسين: ڊي آءِ جي سکر
ميرپورماٿيلو ( رپورٽ: خالد وسير)ڊي آءِ جي سکر پير محمدشاهه ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي حفيظ الرحمان بگٽي گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي پهتا، جتي هنن مختلف پوليس چوڪين جو دورو ڪيو، ان موقعي تي ڊي آءِ جي پير محمد شاھ چيو ته گهوٽڪي مان اغوا ٿيل هندو ميگهواڙ نوجوانن سميت تمام مغوين کي جلد بازياب ڪرائينداسين، ڪنهن جي به بليڪ ميلنگ ۾ نه اينداسين، گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف جلد آپريشن شروع ڪيو ويندو، اغوا ڪارن سان ڪا به رعايت نه ٿيندي.