اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف طرفان اسلام آباد ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو پيو وڃي، سڪيورٽي انتظام نهايت سخت ڪندي ايندڙ ويندڙ رستا ڪنٽينر رکي سيل ڪندي راولپنڊي ۾ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواريءَ تي پابندي لاڳو ڪري موبائيل فون سروس معطل ڪئي وئي آهي جڏهن ته پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي ڪيترائي پي ٽي آءِ ڪارڪن گرفتار ڪري ورتا آهن.
تحريڪ انصاف جي احتجاج کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ مان اسلام آباد ۽ راولپنڊي ايندڙ ويندڙ رستن کي بند ڪيو ويو آهي.
راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي سمورن اهم شاهراهن کي ڪنٽينر لڳائي سيل ڪيو ويو، جڏهن ته جاڙن شهرن جو زميني رابطو به ڪٽجي ويو.
فيض آباد تي ڪنٽينرن جي ڊبل ليئر ۽ زيرو پوائنٽ وٽ 20 فوٽ ڊگهن ڪنٽينرن جي ڀت بيهاري وئي آهي.
سري نگر هاءِ وي کي ڪيترن ئي هنڌن تان سيل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سري نگر هاءِ وي تي زيرو پوائنٽ کان ريڊ زون ۾ داخلا ناممڪن بڻائي وئي، اسلام آباد ايڪسپريس وي کي کنا پل کان فيصل مسجد تائين مختلف هنڌن تان سيل ڪيو ويو آهي.
ڊي چوڪ، سرينا چوڪ ۽ نادرا چوڪ تي به ڪنٽينر رکيا ويا آهن، اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي تحريڪ انصاف جي احتجاج سبب خانگي تعليمي ادارا بند رکيا ويا آهن.
موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواريءَ تي پابندي لاڳو ڪري موبائيل فون سروس ۽ ميٽرو بس سروس به معطل ڪئي وئي آهي.
پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي ڪيترائي پي ٽي آءِ ڪارڪن گرفتار ڪري ورتا آهن.
پنجاب جي چئن شهرن ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي رينجرز طلب ڪئي وئي آهي.
لاهور، راولپنڊي، اٽڪ ۽ سرگوڌا ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.
پي ٽي آءِ جو ڊي چوڪ تي احتجاج جو اعلان، اسلام آباد ويندڙ رستا بند، موبائيل سروس معطل، گرفتاريون
Next Post
You might also like