آرمي چيف سان ملائيشين وزيراعظم جي ملاقات

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملائيشين وزيراعظم انور ابراهيم ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻه طرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات دوران ٻه طرفي اسٽريٽجڪ مفادن، علاقائي سلامتي ۽ دفاعي سهڪار بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
آءِ ايس پي آر موجب، ملائيشيا جي وزيراعظم پاران دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني فوج جي پيشوراڻي صلاحيتن جي ساراهه ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملائيشين وزيراعظم انور ابراهيم علاقائي امن ۽ استحڪام ۾ پاڪ فوج جي ڪردار جي ساراهه به ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، پاڪستان ملائيشيا لاڳاپا خاص طور فوجي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو،
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملائيشين وزيراعظم پاران آرمي چيف جنرل عاصم منير کي ملائيشيا جي دوري جي دعوت ڏني وئي.
آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل عاصم منير دوري جي دعوت ڏيڻ تي ملائيشين وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.