ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستاني معيشيت بهتري طرف وڃي رهي آهي.
ڪراچيءَ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته پاڪستاني معيشيت بهتري طرف وڃي رهي آهي، پاڪستان پنهنجون شيون ٻاهر اماڻڻ سان عالمي مارڪيٽ ۾ بهترين ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ کجيءَ جي بهترين پوک ڪئي پئي وڃي، کجيءَ کي ٻاهر اماڻڻ سان هو بهترين ناڻو ڪمائي سگهن ٿا، پاڪستان ۾ کجي جي اعليٰ معيار جا قسم ملي رهيا آهن.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته زراعت جو شعبو ملڪ جي معيشيت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، آبادگارن لاءِ قدم زراعت جي بهتري لاءِ اڻٽر آهن.
مراد علي شاهه چيو ته آبادگار خوشحال ٿيندا ته پاڪستان خوشحال ٿيندو، عالمي مارڪيٽ ۾ ملڪ جو معيار بهتر ٿيندو پيو وڃي.
Prev Post
You might also like