اسلام آباد (بيورو/م ڊ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته وفاقي راڄڌاني ۾ پرڏيهي اڳواڻ جي موجودگي ۾ احتجاج مناسب ناهي، پي ٽي آءِ کي احتجاج جي سڏ تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، مظاهرو ڪيو ويو ته ڪنهن سان رعايت نه ڪئي ويندي. وفاقي گهرو سيڪريٽري آغا خرم، آءِ جي اسلام آباد پوليس، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين عملدارن سان گڏ گهرو وزارت ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محسن نقوي چيو ته اسلام آباد جي انتظاميه لاءِ هي حساس وقت آهي. محسن نقوي چيو ملائيشيا جو وزيراعظم هتي موجود آهي، ڪنهن ملڪ جو وزيراعظم توهان وٽ هجي ۽ توهان چئو ته اسلام آباد تي ڪاهه ڪنداسين، اهو ٺيڪ ناهي. محسن نقوي چيو ته ملائيشين وزيراعظم جي پروٽوڪول ۾ ڪا گهٽتائي اچڻ نه ڏينداسين، اسان اهڙي طريقي سان ڪنهن به جلسي جي اجازت نه ڏينداسين، ڪنهن ملڪ جو سربراهه شهر ۾ موجود هجي ۽ توهان شهر تي ڪاهه ڪيو ته توهان ڪنهن جي مفاد لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيو؟ ڀارتي وزيراعظم لاهور ۾ هو ۽ هڪ ننڍو واقعو ٿيو، اهو اڄ تائين اسان کي خراب ڪندو آهي. هن چيو ڪو ڊي چوڪ تي اچڻ جي ڳالهه ڪري ۽ هٿ چڙهي ويو ته ان سان ڪا نرمي نه ٿيندي، ڪي پي جي وڏي وزير کي اهڙا بيان ڏيڻ نٿو سونهي، جيڪڏهن اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندو ته اسان بندوبست ڪري ڇڏيو آهي، اسان خبردار ڪري رهيا آهيون، پوءِ ميار نه ڏجو. سندس چوڻ هو ته سعودي وفد پاڪستان اچي رهيو آهي، اسان آرمي کي اسلام آباد ۾ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، اسان کي هر صورت ۾ سيڪيورٽي يقيني بڻائڻي آهي، سياسي ڪارڪن سڀاڻي نڪرڻ کان اڳ 10 ڀيرا سوچين، پوءِ اسان کي نه چئجو، اسان 17 آڪٽوبر تائين حڪمت عملي جوڙي آهي. ان موقعي تي هڪ سوال جي جواب ۾ آءِ جي اسلام آباد چيو ته اسان جن ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي اهي احتجاج جي منصوبابندي ڪري رهيا آهن، مختلف گروپن ۾ ميسيج اچي چڪا آهن جن وٽان ڪوڪا لڳل ڏنڊا، گليليون، پٿر ۽ ٻيون شيون هٿ ڪيون ويون آهن . هوڏانهن اسلام آباد سيل ڪيو ويو آهي، داخلي هنڌن تي ڪنٽينر رکيا ويا آهن.