ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل)سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ وڻن جي واڍي تي پابندي لاڳو ڪندي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي اجازت کان سواءِ ڪو به وڻ نه وڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت پاران اهڙو حڪم بي آر ٽي ريڊ لائين تي وڻن جي واڍي خلاف داخل ڪيل درخواست تي ڏنو ويو، عدالت سنڌ جي ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري کي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ اڳواٽ اجازت کانسواءِ ڪو به وڻ نه وڍائڻ لاءِ پابند ڪندي چيو آهي ته ڪراچي شهر اندر وڻن جي علائقي وار سروي ڪئي وڃي. عدالت چيو ته وڻن جي واڍي نه ٿيڻ واري ذميواري مڪاني ادارن واري کاتي جي نه پر ٻيلي کاتي جي آهي. عدالت چيو ته جيڪڏهن ڪنهن وڻ کي منصوبي جي رستي هٽائڻ ضروري سمجهيو وڃي ته ان لاءِ لاڳاپيل ضلعي جي سيشن جج کان اجازت وٺڻي پوندي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ ڪراچي جي ميئر کي پڻ وڻ وڍڻ کان روڪيندي چيو آهي ته ڪراچي شهر اندر ڪنهن به قسم جي وڻن جي واڍي نه ڪئي وڃي، جيڪڏهن وڻ ترقياتي منصوبي جي راهه ۾ رڪاوٽ هجي ته ان کي ٻي هنڌ منتقل ڪيو وڃي، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 22آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.
 
			