گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ گهرو کاتي کان جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ٻار ۽ ماءِ سميت 15کان وڌيڪ گم  ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ داخل مختلف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جبري گم ٿيلن جي گهروارن جي مالي معاونت ڪئي وئي آهي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي گهروکاتي کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. سرڪاري وڪيل چيو ته نصيرا بي بي ۽ ان جو ننڊو ٻار ڊفينس جي علائقي مان گم ٿيا آهن، جن جي ڳولا جاري آهي، درخواستگذار چيو ته شاهه لطيف جي علائقي مان گم ٿيل سيد عباس شاهه بحفاظت گهر اچي ويو آهي جنهن تي عدالت ڪيس کي اُڪلائي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.