ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي صارف لاءِ بجلي وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي، ڪراچي جي شهرين تي وڌيڪ اضافي باروجهڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، صارفين تي بجلي 51 پئسا مهانگي ڪرڻ جو امڪان آهي، جنهن جو فيصلو نيشنل پاور ريگيوليٽري اٿارٽي نيپرا ڪندي. رپورٽ موجب ڪراچي لاءِ آگسٽ مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمت ۾ 51 پئسا في يونٽ اضافي جي درخواست تي نيپرا ۾ اڄ ٻڌڻي ٿيندي. ڪي اليڪٽرڪ نيپرا کي آگسٽ 2024ع جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي، جنهن ۾ 51 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست منظور ڪري طلب وڌائي ٿي ته ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي 853 ڪروڙ رپين جو اضافي بار پوندو.