رئيل اسٽيٽ ذريعي زراعت تباهه ڪئي پئي وڃي\پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي

حيدرآباد (پ ر) پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي جو اجلاس عوامي تحريڪ جي مرڪزي آفيس ڊي ٽين پليجو هائوس، قاسم آباد  حيدرآباد ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ حقوق خلق پارٽي جي صدر فاروق طارق، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر دلدار لغاري، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر فيض ڪيريو، حقوق خلق پارٽي جي جنرل سيڪريٽري عمار علي جان، مجيب پيرزادو، هاري جدوجهد ڪميٽي جي اڳواڻ عاشق علي ڊومڪي، سنڌي هاري پورهيت ڪميٽي جي اڳواڻ يونس راهو، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر حاجي خان سمي، سنڌي گرل اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ايڊووڪيٽ ڪائنات ڏاهري، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي فاروق طارق چيو ته حڪومت هاري دشمن پاليسيون آڻي رهي آهي. حڪومت نيو لبرل معيشت جي پاليسي تي عمل ڪندي هارين جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. ڊاڪٽر دلدار لغاري چيو ته پاڪستان جي سمورن قومن وچ ۾ رابطي کي مضبوط ڪرڻ گهرجي. هارين جي ڦرلٽ خلاف ڀرپور جدوجهد ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته هارين جو معاشي قتلام ڪندڙ سرمائيدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.عمره سمون پاڪستان جي سموري عوام کي گڏ ٿيڻ گهرجي.فيض ڪيريو چيو ته ريئل اسٽيٽ ذريعي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. عمار علي جان چيو ته جمهوريت جا قدر پٺتي ٿي ويا آهن. هاري مخالف منصوبن خلاف عوامي رابطا مهم شروع ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.