ملڪ ۾ حڪومت ۽ مخالف سياسي جماعتن ۽ ڌرين ۾ تڪرار ، اختلاف ۽ ڇڪتاڻ ته جمهوري عمل جو لازمي حصو هوندا آهن ۽ ان قسم جي بحثن ۽ چٽا ڀيٽيءَ سان ملڪي سرشتي جي بهتري ۽ فلاح جا رستا نڪرندا آهن پر جڏهن آئيني ادارن ۾ موجود عهديدارن ۾ اختلاف ۽ تڪرار ايترا وڌي وڃن جو ادارا ئي مفلوج ٿيڻ لڳن ۽ ملڪ جو عام وهنوار ۽ ڪروڙين عوام جي زندگين تي ان قسم جي ڇڪتاڻ جا تمام گهڻا ناڪاري اثر پوڻ لڳن ٿا. ملڪ ۾ هن وقت حڪومت ۽ مخالف ڌر جي جماعتن ۾ هلندڙ تڪرار ايترا ته وڌي ويا آهن انهن جا اثر ملڪ جي عدالتن ۽ ٻين آئيني ادارن تي پڻ پئجي رهيا آهن. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري واري تڪراري دور بعد سپريم ڪورٽ جي ٻن اڳوڻن چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ جسٽس ريٽائرڊ عمر عطا بنديال وارا دور پڻ ملڪ جي عدالتي ۽ سياسي تاريخ ۾ ملڪ کي لوڏيندڙ دور گذريا آهن. جنهن ۾ اهو تاثر اڀريو ته اهي جج ڌر بڻيل هئا ۽ سندن دور ۾ هو عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جا طرفدار مشهور ٿيا جنهن مان بدقسمتي سان عوام ۾ اهو تاثر ۽ خيال اڀرندو رهي ٿو ته، ملڪ تي حڪمراني پارليامينٽ يا چونڊيل حڪومتن جي نه پر چيف جسٽسز يا عدالتن جي ججن کي حاصل آهي. سپريم ڪورٽ ۽ عدالتن جي ڪجهه ججن جي حوالي سان جيڪڏهن اهڙي قسم جون انا پرستيون ۽ ذاتي دشمنيون پاڙڻ وارا تاثر قائم ٿيڻ لڳن ٿا ته ملڪ ۾ آئين، قانون ۽ انصاف ملڻ بابت مايوسي پيدا ٿيڻ لازمي هوندي آهي.
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو هاڻوڪو چيف جسٽس، جسٽس قاضي فائز عيسي جيڪو ملڪ جي آئين تي سختي سان عملدرآمد ڪندڙ ۽ پارليامينٽ جي طاقت ۽ فيصلا ڪندڙ آئيني ڪردار جي طرفدار هئڻ واري شهرت رکي ٿو پر سندس ريٽائرمينٽ کي پڻ ڪجهه ڏينهن وڃي بچيا آهن. ملڪ جي عدالتن جي عدالتن ۾ لکين ڪيس موجود آهن ۽ عدالتن ملڪ جي پکيڙ ، آبادي ۽ ڪيسن جي تعداد جي حساب سان عدالتن جي گهٽتائي۽ ججن جي کوٽ جو شڪار هئڻ ڪري سخت متاثر ٿي رهيا آهن. خبرن موجب، سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻين لاءِ موجود ڪيسن جو تعداد هڪ لک جي لڳ ڀڳ آهي هاءِ ڪورٽن تي ڪيسن جو انگ 6 لک کان وڌيڪ آهي۽ مجموعي طور تي ماتحت عدالتن ۾ ڪيسن جو انگ 22 لکن کان وڌيڪ آهي، ٻئي پاسي ملڪ ۾ آئيني معاملا هن کان علاوه آهن جنهن موجب ملڪ ۾ آئيني مونجهارا ۽ تڪرار سموري ملڪ جي نظام کي ئي مفلوج بڻائڻ جو سبب بڻيل آهي جنهن لاءِ ڌار آئيني عدالتون قائم ڪرڻ دنيا جي جمهوريتن ۽ جمهوري ملڪن ۾ موجود آهن پر اسان جي ملڪ ۾ اهي بنيادي نوعيت جا معاملا به اڃا تائين حل نه ٿي سگهيا آهن. طاقتور ۽ بااثر شخصيتن جي موڊ ۽ مزاج جي ٽياس تي ٽنگيل آهن. عدالتن جي سرشتي کي فعال ۽ وسيع بنائڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ آئيني ترميم منظور ٿيڻ جو انتظار ٿي رهيو آهي پر حڪومت وٽ آئيني ترميم منظور ڪرائڻ لاءِ گهربل اڪثريت نه هئڻ ڪري اهو معاملو اڃا تائين حل ٿي نه سگهيو آهي. حڪومت ۾ شامل سياسي ڌرين ۽ مخالف ڌرين ۾ هلندڙ ڳالهيون اڃا تائين ڪنهن نتيجي تي پهچي نه سگهيون آهن. جڏهن ته، ملڪ ۾ زير بحث موضوعن ۾ شامل”خاص“ عدالتي ۽ سياسي گليشئرز جي برف تيزي سان ڳري رهي آهي ۽ پلن هيٺان پاڻي تيزي سان گذري رهيو آهي.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني واري دور ۾ ملڪ ۾شام جون عدالتون قائم ڪرڻ وارا فيصلا ڪيا ويا هئا ۽ ججن جي هڪ وڏي تعداد کي مختلف عدالتن ۾ مقرر ڪرڻ وارو عمل پڻ شروع ڪيو ويو هو پر ان وقت جي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ افتخار محمد چوڌري طرفان شام جون عدالتون کولڻ واري حڪومتي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو ويو. نه صرف اهو پر انهي چيف جسٽس جي حوالي سان بئريسٽر اعتزاز احسن جي چوڻ موجب ته چيف جسٽس افتخار چوڌري جو سندس بحالي بعد جو سمورو دور پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت سان دشمني ڪرڻ ۾گذريو. ان دور ۾ وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني کي هڪ ڪيس ۾ ٻه ڀيرا سزا ڏيڻ وارا مثال پڻ قائم ڪيا ويا ۽ هن جي ئي عدالت طرفان کيس نااهل قرار ڏيئي سندس حڪومت جو خاتمو ڪري ڇڏيو ويو. جنهن بعد راجا پرويز اشرف باقي رهيل هڪ سال جي مدت لاءِ وزير اعظم بڻيو.
اهڙي قسم جي صورتحال تمام گهڻي ڳڻتي وارن حالتن ۾ ملڪ کي ڌڪي وٺي وڃي ٿي.جسٽس ريٽائرڊ افتخارمحمد چوڌري وارو دور يقينن ملڪ لاءِ تمام گهڻو هنگاما خيز ۽ گهڻن حوالن سان نقصانڪار پڻ ثابت ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ججن جي بحالي جي حوالي سان وڪيلن جي اعتراز احسن جي قيادت ۾ هلايل هلچل جا بهتر نتيجا جيڪي ملڪ جي عدالتي سرشتي جي بهتري ۽ جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي مضبوطي ۽ آئين جي بالادستي جي صورت ۾ نڪرڻ گهرجن ها اهي نه نڪري سگهيا ۽ ملڪ ۾ قانون ۽انصاف جي حڪمراني لاءِ هلايل اها عظيم هلچل افتخار چوڌري جي شخصيت پرستي ۽ انا پرستي واري بت خاني ۾ قيد ٿي گهڻي ڀاڱي ضائع ٿي ويئي.
ملڪ ۾ آئين جي معاملن جي تشريح ڪرڻ، پارليامينٽ، حڪومت ۽ ادارن جي حقن ۽ اختيارن وارا معاملا ۽ فيصلا يقينن تمام گهڻي ڳڻتي واري صورتحال اختيار ڪري ويا آهن. ملڪ ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ سياسي صورتحال يقينن سماج جي هرهڪ اداري حصي کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي ۽ خاص طور تي ملڪ جي اعلي عدالتن ۾ سياسي بنيادن تي ورهاست جو تاثر ايترو ته مضبوط ٿي اڀريو.
ملڪ جي ٻن وڏين ۽ ڪيترا ئي ڀيرا حڪومتون قائم ڪندڙ جماعتن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن محترم بينظير ڀٽو شهيد ۽ مسلم ليگ ن جي سربراهه ميان محمد نواز شريف طرفان ميثاق جمهوريت جي ڪيل معاهدي تي ٻنهي جماعتن جي مختلف دورن ۾ 90 سيڪڙو عملدرآمد ڪيو ويو آهي پر اهڙي ريت، آئيني عدالت جو قيام پڻ ميثاق جمهوريت جو حصو آهي.پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلال ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر سان ٿيندڙ ڳالهين ۾ سڀ کان بنيادي معاملو ۽ ٿيندڙ ڪوشش آئيني عدالت جو قيام شامل آهي. آئين جي مونجهارن يا تشريح طلب نقطن ۽ معاملن جي تشريح ڪرڻ سپريم ڪورٽ جو حق آهي ۽ ان لاءِ خاص آئيني عدالت جو قيام ضروري آهي. باقي ملڪ جا مختلف نوعيت جا ڪيس سپريم ڪورٽ جي مقرر ججن جي عدالتن ۾ هلي رهيا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ججن ۽ عدالتن جي تعداد وڌڻ سان ڪيسن جي وڌ ۾ وڌ اڪلاءَ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، اها طاقت حاصل ڪرڻ جي جنگ ناهي پر پارليامينٽ کي سندس طاقت ۽ پنهنجا حق آئيني حق مڃرائڻ جا مڪمل اختيار حاصل هئڻ گهرجن.