هڪ وڏي عرصي کان آمريڪا جي سرپرستي هيٺ اسرائيل فلسطين جي مسلم مردن ٻارن عورتن ۽ بزرگن تي حملا ڪري رتوڇاڻ ڪندو رهيو آهي جڏهن ته اسپتالن ۽ آبادي تي حملا ڪري فلسطين کي کنڊرات ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ٻئي پاسي سمورن اسلامي ملڪن کي ٽارگيٽ ٺاهي وقت بوقت مٿن حملا ڪرڻ وارو ڪم به هو زور شور ڪندو رهي ٿو سندس ٽارگيٽ ۾ فوجي ڪمانڊر ۽ سربراهه آهن خاص طور تي ايران جي حمايتي ملڪن کي نشانو بڻائي مٿن حملا ڪندو رهي ٿو.
ويجهڙ اقوام متحده جي اجلاس ۾ امريڪا مسلم ملڪن کي يقين ڏياريو هو ته هاڻي اسرائيل ڪابه اڳرائي نه ڪندو پر جيئن نانگ جي فطرت ۾ ڏنگڻ ۽ ڪتي جي فطرت ۾ چڪ هڻڻ آهي تيئن اسرائيل ۽ امريڪا جي فطرت ۾ معصوم ماڻهن جو رت وهائڻ آهي. گذريل ڏينهن اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته ايران طرفان اسرائيل ڏانهن 102 ميزائل فائر ڪيا ويا آهن، جنهن کانپوءِ والاريل بيت المقدس ۾ سائرن وڄڻ لڳا، ايران بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا آهن. اسرائيلي فوج شهرين کي محفوظ هنڌن تي وڃڻ جو چئي ڇڏيو آهي ۽ ايراني ميزائلن جو هدف اسرائيلي تخت گاهه تل ابيب آهي.ايران پاران اسرائيل تي ميزائيل حملي ۽ اسرائيل پاران ان جي ورندي ڏيڻ جي اعلان کان پوءِ وچ اوڀر هڪ وڏي خونريزي جو خطرو وڌندي نظر ٿو اچي. ان خطي ۾ اسرائيل کي ايران کانسواءِ ڪنهن بِه ملڪ کان خطرو ناهي. غزا مان حماس، لبنان مان حزب الله ۽ يمن مان حوثي بِه ايران جي واهر سان اسرائيل سان مهاڏو اٽڪائيندا رهيا آهن. اسرائيل غزا، لبنان ۽ يمن ۾ پنهنجي جنگي دهشتگردي سان ايران جي حامي طاقتن کي وڏي حد تائين چيڀاٽي ڇڏيو آهي. ان ويڙھ جو فيصلائتو مرحلو ايران ۽ اسرائيل جي سڌي جنگ هئي، جيڪا هاڻي لڳي چڪي آهي. اسرائيل وٽ آمريڪا جي جنگي ٽيڪنالاجيءِ جي واهر آهي جڏهن تَه ايران وٽ ٿوري گهڻي پنهنجي ئي جنگي صلاحيت آهي.
ممڪن آهي تَه جنگ پکڙجڻ تي روس يا چين سندس مددگار بڻجن. پر پابنديون لاڳو هجڻ سبب ڪو بِه ملڪ سڌوسنئون ايران جي واهر نَه ڪندو. ايران ان عالمي اڪيلائي ۽ پنهنجي محدود جنگي طاقت آهر اسرائيلي جنگي سگھه سان ڪيترو ڊگهو مقابلو ڪري سگهندو، اهو ايندڙ ڏينهن ۾ نظر ايندو پر اها حقيقت سامهون آهي جنگ تڪڙي نَه کُٽندي. جنگيون شروع ڪرڻ سَوليون هونديون آهن، پر کُٽائڻ ڏکيون هونديون آهن.ماضيءِ ۾ افغانستان ۾ آمريڪا جيڪا جنگ جوٽي اها ڪئي سال گذرڻ جي باوجود ختم نه ٿي سگهي آهي ايئن يوڪرين ۾ روس کي ان جنگ جو تجربو حاصل آهي. اسرائيل اڳرائي ڪري حسن نصرالله جهڙو عظيم ڪمانڊر ماريو آهي جنهن جو پوري دنيا کي صدمو پهتو آهي جيڪو پنهنجي ملڪ ۽ ملت اسلاميه جا دفاع لاءِ اٿيو هو. مسلمانن جي قبله اول بيت المقدس جي آزادي سندس ٽارگيٽ ۾ هئي پر دشمن جي حملي ۾ شهيد ٿي ويو. ايران پنهنجا همدرد ساٿين جي شهادت تي خاموش نه ويٺو ۽ ڪالهه اسرائيل کي اهڙو جواب ڏنو جو اسرائيل حملي کان پوءِ جواب ڏيڻ لاءِ ڦٿڪي رهيو هوندو ۽ هڪ ٻن ڏينهن ۾ هو جوابي ڪارروائي ضرور ڪندو. وچ اوڀر ۾ جنگ اينگهجي وئي ته اوڙي پاڙي لاءِ بِه وڏا مسئلا ڪر کڻندا. اسان پاڙي جي جنگين مان سيزنل ليبر جيان ڪمائيندا رهيا آهيون پر هي معاملو نهايت حساس آهي. جيڪڏهن پاڪستان مسواڙ تي اڏا يا ويڙهاڪ ڏنا ته ملڪ اندر فرقيواراڻي گهرو ويڙھ جو به انديشو ٿي سگهي ٿو. ڊاڪٽر ذاڪر جو پاڪستاني دورو ان جي ڪڙي سمجهيو وڃي. ٿو.
اسان سدائين ”دهل وڄي ۽ دوسو مڙي“ وارو ڪردار ادا ڪيو آهي پر ائين نَه ٿئي ته هن ڀيري نچڻ سان دوسوءِ جي ڇير ڇڄي پئي. هن وقت پوري مسلم دنيا بالخصوص عرب دنيا کي اڳتي وڌي ايران جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ڇوته امريڪا منافقت ڪري اسرائيل کي اڳيان آڻي مسلمانن کي قتل ڪندو رهيو آهي جيڪڏهن هن وقت به مسلم ملڪ پاڻ ۾ متحد نه ٿيا ته سندن وجود ختم ٿي ويندو. مسلم ملڪن جو اتحاد اسرائيل جي نابوديءِ جو سامان هوندو ۽ خطي مان دهشتگردي جو خاتمو اچي ويندو.