ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ نوان صوبا ٺاهڻ سازش آهي: وسند ٿري

دادو(رپورٽ غوث جهتيال) عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊوڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار، نور نبي پليجو ۽ ٻين دادو پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هڪڙي پاسي اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) وسيلي ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبن جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ سنڌو درياهه مٿان نوان ڊيم ۽ 6 نوان ڪئنال ٺاهڻ جي ڀيانڪ سازش ڪئي وئي آهي ته ٻي پاسي سنڌ کي فلسطين وانگر بدامني جي باھ ۾ ساڙيو پيو وڃي، هٿ وٺي انتهاپسندي کي هٿي ڏني وئي آهي ته وري نون صوبن جو راڳ آلاپي 1940ع جي قرارداد ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جي اصل پاڪستان جي انحرافي ڪندي سنڌ ڌرتي جي وجود مٿان وار ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ واپاري عقيل ڪريم ڊيڊي هڪ نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي انڪشاف ڪيو ته واپارين جي آرمي چيف سان ملاقات ٿي آهي ۽ ان ملاقات ۾ آرمي چيف طرفان سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ جي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي آهي آرمي چيف طرفان نون صوبن جا اعلان ڪرڻ مان واضع ٿئي ٿو ته هن وقت ملڪ ۾ اڻ اعلانيل مارشل لا لاڳو آهي، نوان صوبا ٺاهڻ جو ملڪ جي آرمي چيف کي ڪو به آئيني ۽ قانوني اختيار ناهي. اسين مطالبو ٿا ڪريون ته نون انتظامي يونٽن بابت آرمي چيف متعلق ميڊيا ۾ هلندڙ بيانن ۾ ڪيتري صداقت آهي، ان متعلق آءِ ايس پي آر وضاحتي بيان جاري ڪري، هنن چيو ته ارسا ايڪٽ ترميم سميت نون ڊيمن ۽ ڪئنالن خلاف هلندڙ جدوجهد جاري رکي ويندي، ان موقعي تي سنڌي شاگرد تحريڪ جا اڳواڻ عاطف ملاح ۽ رياض پيچوھو به ساڻس گڏ هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.