حيدرآباد(رپورٽر) کاٻي ڌر سان سلهاڙيل نامياري دانشور پروفيسر عمار علي جان چيو آهي ته عوام کي عملي طور تي اهو ٻڌايو ويندو رهيو آهي ته توهان نه رڳو 47ع کان اڳ غلام هئا، پر 50ع، 80ع ۽ هاڻ 2024ع ۾ به غلام آهيو، سڄي مشينري جو ڪم ئي اهو رهيو آهي ته ڪٿان زمين ۽ قدرتي وسيلا ڦري سگهجن ٿا ۽ سوال ڪندڙ کي ڪيئن کڻي سگهجي ٿو. ڪالهه خانه بدوش رائٽرس ڪيفي جي اڱڻ تي “پوسٽ ڪاليونزم، نيو ڪاليونزم ۽ ٿرڊ ورلڊ مارڪسزم” جي موضوع تي ليڪچر پروگرام ۾ ڳالهائيندي عمار علي جان چيو ته پراڻي نظام تحت نئين جدت سان طريقيڪار تبديل ڪيا ويا آهن، اسان جو معاشي نظام به نيو ڪالونيل آهي، ان جو ثبوت اهو آهي ته 7 ملين ڊالر پاڪستان کي ملندا ۽ پاڪستان کي ٽن سالن ۾ 80 ارب ڊالر قرض واپس ڪرڻو آهي، هاڻ اهي 80 ارب ڊالر ڪٿان ايندا اها تياري ٿئي پئي، پر ان کان اڳ اهو سوال آهي ته اهي 80 ارب ڊالر ڪٿي خرچ ٿيا، اهي 80 ارب ڊالر سواءِ ڊي ايڇ اي ۽ بحريا ٽائون جهڙين رهائشي اسڪيمن ۽ سوئيز بينڪن جي اڪائونٽن جي ڪٿي به نظر نٿا اچن، اسلام آباد ۾ ويٺل آءِ ايم ايف وٽان 7 ارب ڊالر ملڻ جي خوشيءَ ۾ نچن پيا. هن چيو ته ورهاڱي کانپوءِ ٻولي جي معاملي تي بنگلاديش ۾ قتلام ٿيو، بلوچستان ۾ فوجي آپريشن ٿيا ۽ سنڌ جي چونڊيل حڪومت ٽوڙي وڃي ٿي، ورهاڱي کانپوءِ ملڪ ٺاهيندڙ به پريشان ٿي ويا ته هي اسان ڇا ڪيو، ان کي پوسٽ ڪالونيل پريشاني چئي سگهجي ٿو. اسان جي ملڪ هلائڻ جو ڍانچو نيو ڪالونيل آهي. هن چيو ته آمر ضياءَ الحق اعلانيل چونڊون رڳو ان ڪري ملتوي ڪيون ته ذوالفقار علي ڀٽو گرفتاري کانپوءِ گهڻو مشهور ٿي رهيو هو، ضياءَ هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته ملڪ ۾ گرمي گهڻي آهي، گرمي ۾ ته جمهوريت نٿي هلي سگهي ۽ اسان جا ماڻهو معصوم آهن، انهن کي سياستدان بيوقوف ٺاهين ٿا، ضياءَ جو سڌو چوڻ جو مطلب اهو ئي هو ته ماڻهو چريا ۽ جاهل آهن، اهڙو ساڳيو ئي طريقيڪار هن وقت به اختيار ڪيو ويو آهي، روز نوان قانون ٺاهڻ ۽ آئيني ترميمون ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، پر اهو سڀ ڪجهه فردن جي لاءِ ٿي رهيو آهي. هن چيو ته مون ٽن يونيورسٽين ۾ پڙهايو آهي ۽ ٽنهي يونيورسٽين مان مون کي ڪڍيو ويو، يونيورسٽين ۾ سوال ڪرڻ جي اجازت ناهي، جنهن معاشري ۾ سوال ڪرڻ جي اجازت نه هجي ته گهٽ ۾ گهٽ اهو طريقيڪار يونيورسٽين جي اندر نه هلڻ گهرجي. هن چيو ته شاگرد يونين جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ شروع ڪئي ته هڪ اداري جي ماڻهو اچي چيو ته ٻيا سڀ معاملا درست آهن، پر توهان سياست تي نٿا ڳالهائي سگهو، ان جي توهان کي اجازت ناهي، جنهن تي مون کيس چيو ته سياست تي ڳالهائي ته نٿا سگهون پر ڇا ڪيان آئون پوليٽيڪل سائنس جو استاد آهيان، ان صورتحال کانپوءِ اهو سوچڻ گهرجي ته ڪهڙن ماڻهن وٽ طاقت آهي، اسان جهڙي طبقاتي سماج ۾ علم ۽ سائنس کي عوام جي ڀلائي بجاءِ مفادن ۽ ڊي ايڇ اي جهڙا منصوبا ٺاهڻ جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.