سنڌ ۾ هندو پرامن طريقي سان رهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ هندو پرامن رهن ٿا، حڪومت انتهاپسندي ۽ دهشتگردي  کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس 2025 جي تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته انتهاپسندي کي شڪست ڏيڻ ۽ امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ سماجي رابطن جا پروگرام شروع ڪيا ويا آهن، انٽيليجنس شيئرنگ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏيل آپريشن به ڪيو پيو وڃي، وڏي وزير چيو ته حڪومت ڪچي جي علائقن ۾ چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ به ڪوششون ڪري رهي آهي، انفراسٽرڪچر ۽ سماجي سهولتن کي بهتر بڻايو پيو وڃي، پوليس کي ڊرون، اي پي سي ۽ 12- 7 بور جون بندوقون پڻ فراهم ڪيون پيون وڃن، ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوت بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير خدشو ظاهر ڪيو ته سنڌ ۾ پاڻي جو بحران پيدا ٿيندو ۽ زراعت تباهه ٿي ويندي.هندو مسلم ڀائيچاري جو ذڪر ڪندي وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ عام چونڊن دوران هڪ قومي اسيمبلي ميمبر ۽ ٻه صوبائي اسيمبلي جا ميمبر هندو چونڊيا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.