ڪراچي ۾مختلف قسم جو بخار تيزي سان پکڙجڻ لڳو

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ مختلف قسم جي بخار تيزي سان پکڙجڻ لڳو، روزانو 250 وائرل انفيڪشن جا ڪيس سامهون اچي رهيا آهن،  ڪراچي ۾ موسم جي تبديلي کان پوءِ مختلف قسم جا بخار تيزي سان پکڙجڻ شروع ٿي ويا. ڪراچي ۾ مختلف قسم جا مڇر شهر ۾ مليريا، ڊينگي ۽ چڪن گونيا جهڙن وائرل بيمارين جو سبب بڻجي رهيا آهن. سرڪاري اسپتالن ۾ روزانو 250 کان وڌيڪ وائرل انفيڪشن جا ڪيس سامهون اچي رهيا آهن، جن مان 50 کان وڌيڪ مريض مليريا، ڊينگي ۽ چڪن گونيا جي علامتن سان گڏ اچي رهيا آهن. صحت کاتي موجب ڪراچي ۾ هلندڙ سال هن وقت تائين ڊينگي جا هڪ هزار کان وڌيڪ ڪيس سامهون آيا آهن ۽ هڪ ڄڻو فوت ٿي چڪو آهي. مليريا جا 1500 ۽ چڪن گونيا جا 150 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.  ٻئي طرف سنڌ جي صحت کاتي موجب ضلعي جون ٽيمون شهر ۾ اسپري مهم هلائي رهيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.