ڪراچي ( رپورٽر ) انساني حقن جي نمائندن، وڪيلن ۽ سول سوسائٽيءَ جڊيشل ايڪٽوزم کي رد ڪندي پارليامينٽ، عدليه، اسٽيبلشمينٽ ۽ ايگزيڪيوٽو جي وچ ۾ اختيارن جي توازن ۽ عدالتي سڌارن سميت آئيني مسئلن جي حل لاءِ ملڪ ۾ آئيني عدالت جي قيام کي اڻٽر ۽ وقت جي اهم ضرورت قرار ڏئي ڇڏيو آهي. گذريل ڏھاڙي سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پيپلز پارٽي هيومن رائيٽس سيل پاران ڊائيلاگ سيشن منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ پيپلز پارٽي هيومن رائيٽس سيل جي جنرل سيڪريٽري ملائڪه رضا، ايم اين اي نفيسه شاهه، سينيٽر ضمير گهمرو، صوبائي وزير سعيد غني، ايڊووڪيٽ قاضي بشير، انيس هارون سميت ٻين شرڪت ڪئي. ڊائيلاگ سيشن کي صدارتي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو ته وفاقي شريعت ڪورٽ بڻجي سگهي ٿي ته پوءِ آئيني عدالت ڇو نه ٿي قائم ٿي سگهي؟ جڏهن آئين ۾ ترميمون ٿي سگهن ٿيون ته پوءِ عدالتي سڌارا ڇو نه ٿا ٿي سگهن،هن چيو ته عدالتي سڌارا ۽ ٽرٿ ريڪنيسيليشن ڪميشن جو قيام پيپلز پارٽيءَ جي منشور ۽ ميثاقِ جمهوريت جو حصو آهي نفيسه شاهه چيو ته پارليامينٽ، جڊيشري ۽ ايگزيڪيوٽو ۾ اختيارن جو توازن هجڻ گهرجي، اسين عدليه کي غير تڪراري بڻائڻ چاهيون ٿا،قانوندان سينيٽر ضمير گهمرو چيو ته آئيني عدالت ۾ سڀني صوبن مان ججن جي برابر جي نمائندگي هوندي جيڪا هاڻي سپريم ڪورٽ ۾ ناهي ان لاءِ عدالتي سڌارن سان عدالتي معاملن ۾ بهتري ايندي. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته 19 هين ترميم نه اچڻ گهرجي ها. پي ٽي آءِ جي عشق ۾ سپريم ڪورٽ 63 اي جي ٻه ڀيرا متضاد تشريح ڪئي .ملائڪه رضا چيو ته جڏهن اتفاق راءِ ٿي ويندو ته پوءِ آئيني ترميم پارليامينٽ ۾ پيش ٿيندي.