ذاڪر نائڪ اڄ ڪراچي پهچندو

ڪراچي ( رپورٽر ) ناليوارو مذهبي عالم ۽ محقق ذاڪر نائڪ سنڌ ياترا لاءِ اڄ ڪراچي پهچندو، ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ جي سيڪيورٽي سنڌ پوليس جي ڪمانڊو يونٽ ايس ايس يو حوالي ڪئي وئي، ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ اڄ منجهند جو ڪراچي  پهچندو, وڏو وزير مراد علي شاهه، گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ ميئر مرتضيٰ وهاب هوائي اڏي تي سندس آجيان ڪندا،

  1. ڪراچي ۾ پراڻي دشمني تان نوجوان قتل

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ڊاڪس ٿاڻي جي حد مڇر ڪالوني ۾ ڪلپنا چوڪ تي واقع پان جي دڪان ڀرسان نامعلوم ھٿياربند جي فائرنگ جي نتيجي ۾ گھٽي ۾ بيٺل 23 سالن جو نوجوان واجد زمان ولد ملڪ زمان قتل ٿي ويو ،مقتول جو  تعلق بنون  سان ٻڌايو پيو وڃي، پوليس جو چوڻ آهي ته ذاتي جھيڙي جو نتيجو آهي

  1. ڊاڪٽر جي اغوا ڪيس ۾ ملوث 4 جوابدارن کي عمر قيد جي سزا

ڪراچي (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ اغوا ڪري ڀنگ وٺڻ واري ڪيس ۾ عدالت ڏوهھ ثابت ٿيڻ تي چئن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جوابدارن ۾ افراسياب، اقبال احمد عرف ڊي جي، منظور حسين ۽ حافظ اعظم شامل آهن.  پراسيڪيوٽر محمد رضا ٻڌايو ته جوابدارن ڊاڪٽر طالب عزيز کي 14 جون 2022 تي گلشن اقبال مان اغوا ڪيو هو.جوابدارن اغوا ڪندڙ جي پٽ کان 30 لک رپيا ڀنگ وصول ڪيو، پراسيڪيوٽر چيو ته ڪيس ۾ 10 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا هئا. جوابدارن کي گلشن اقبال واري علائقي جمالي پل وٽان گرفتار ڪيو ويو هو.

  1. وڪيل جي قتل ۾ملوث جوابدارن جون اپيلون رد،  سزا برقرار

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  وڪيل جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جون اپيلون رد ڪندي سزا برقرار رکي ڇڏي . وڪيل صفائي محمد فاروق چيو ته جوابدار نويد ڀٽي، ساجد ۽ زاهد بئريسٽر  مرتضيٰ چنائيءَ جي آفيس ۾ ڪم ڪندا هئا.هن چيو ته ٽنهي جوابدارن 25 آگسٽ 2011ع تي بئريسٽر مرتضيٰ چنائي کي قتل ڪيو هو، فريادي موجب وڪيل جي آفيس مان 20 لک رپين جي پرڏيهي ڪرنسي يورو، سيونگ سرٽيفڪيٽ وغيره چوري، ڪيا ويا. مقتول جو لاش بئريسٽر صلاح الدين پوليس کان وصول ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل محمد فاروق چيو ته سپريم ڪورٽ به ان معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.